ملير: “ٻه شاعر ٻه نقاد” ادبي تقريب، علمي ادبي شعور لاءِ عوامي پريس ڪلب ملير پاران شاندار اهتمام

Spread the love

ملير (ڊر ) ملير علمي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عوامي پريس ڪلب  ملير پاران تاريخي ايس ڊي او هال ميمڻ ڳوٺ ۾ “ٻه شاعر ٻه نقاد” جي عنوان  هيٺ ادبي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي نامياري علمي ادبي شخصيتن اديبن شاعرن نقاد دانشورن شرڪت ڪئي

تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون 1 جي  سيڪريٽري  اديب شاعر   غوث پيرزادو  اديب نقاد ضياءُ ابڙو اديب شاعر  امتياز دانش  اديب نقاد پروفيسر ڊاڪٽر شير مھراڻي   اديب، نقاد وڪيل اممداد سولنگي شاعرن جي شاعري تي ۽ سندن ادبي خدمتن تي مقالا پڙھيا ء روشني وڌي .

ادبي تقريب ۾ ملير جي ادبي ، سماجي شخصيتن  قادر بخش ڪلمتي پروفيسر ڊاڪٽر ابوبڪر بلوچ رمضان ميمڻ لطيف راولاڻي  ذوالفقار ڪمبوھ ، اي ڊي مھر ، سليم العارف ، مجيب بگٽي . اشرف ڪلھوڙو ، سيف الله پليجو ابراهيم خاصخيلي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي

اديبن پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي  چيو  ته اھڙيون عملي ادبي تقريبون ادب سان گڏوگڏ سماج ۾ شعور ترقي جو سبب بڻجن ٿيون  شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي معاشري جي خرابين منظرنامي ذريعي پيش ڪري ٿو تخليقڪار ۽ شاعر جو معاشري کي سجاڳ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وڏو ڪردار هوندو آهي شاعر ڪارو ڪاري غربت بي روزگاري ناانصافي توڙي عشق پيار محبت سميت سماجي جي گهڻ رخ شين کي لفظن جي شڪل ۾ پيش ڪندو آهي

موجوده دور ۾ سياسي سماجي پروگرامن سان گڏ ادبي پروگرام پڻ وقت جي اهم ضرورت آهن ته جيئن اسان پنھنجي نوجوان نسل تائين ادب جي اهميت موثر انداز ۾ پهچائي سگهون شاعر اديب معاشري جو اهم ڪردار آهن جيڪي پنهنجي وطن ڌرتيءَ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندي ماڻهن ۾ علمي ادبي شعور پيدا ڪندا آهن ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ اهڙا ادبي پروگرام ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، غوث پيرزادو سنڌ جي سڃاڻپ آهي جنهن پنهنجي تخليق جي ذريعي معاشري ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو