لڪي مروت ۾ ڌماڪو، 5 ٻار مارجي ويا، عورت سميت 13 زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۾ زوردار ڌماڪي ۾ 5 ٻار مارجي ويا ۽ عورت سميت 13 ٻار زخمي ٿي پيا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻين ادارن جي نفري پهچي وئي ۽ شاهديون گڏ ڪري ورتيون، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شروعاتي اطلاعن موجب مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو مارٽر گولي سبب ٿيو آهي.