سڪرنڊ: پورھيت بلاول جوڳي سرن جي ڪم دوران زخمي، بااثر ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ۽ علاج لاءِ احتجاج

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ گل شير ماڇي جي رھواسي پورھيت بلاول جوڳي سندس امڙ ميران جوڳي ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ سنڌ ھاري پورھيت ڪميٽي اڳواڻ فيض ڪيريو ۽ ٻين قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ مھينو اڳ پورھيت بلاول جوڳي سرن جي ٺيڪيدار عصمت پٺاڻ وٽ مزدوري ڪندو ھيو جيڪو سرون ڪڍڻ دوران باھ ۾ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جڏھن ته سندس پير سخت متاثر ٿي پيو آھي

سندس علاج نه ھئڻ ڪري سندس پير ڪٽجڻ جوخطرو آھي پورھيت بلاول جوڳي ۽سندس امڙ چيو ته ھڪ مھيني کان وس آھر علاج ڪرايو آھي پر ڪو به فائدو ناھي جڏھن ته ٺيڪيدار عصمت ڪاب واھر يا مدد نٿو ڪري اسان علائقي جي بالا آفيسرن وٽ دانھيو آھي پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي ڇو جو ٺيڪيدار بااثر آھي ان خلاف قدم نٿو کنيو وڃي ھنن اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي ٺيڪيدار خلاف قدم کڻي اسان جو علاج ڪرايو وڃي،

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو