دادو: پ پ شھيد جي اڳوڻي مرڪزي صدر علي احمد پليپوٽو جي ورسي تقريب کي شھيد ابن شھيد جونئير ذوالفقار علي ڀٽو خطاب ڪندو،
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو اھم اجلاس علي شيل پمپ تي زير صدارت عنايت علي خان عمراڻي جي ٿي گذريو، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن اسلم شاھ غازِي، قادر ڪٻر، غلام نبي جمالي، بخشل جمالي، سڪندر جوڻيجو، سميت سنڌ جي مختلف ضلعن بدين، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، نواب شاھ،
ڄامشورو، نوشھروفيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻه، قمبر شهداد ڪوٽ، دادو جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اھم فيصلا ٿي گذريا، 18آگسٽ تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي انقلابي ساٿي اڳوڻِي مرڪزي صدر علي احمد پليپوٽو جي ورسي وڏي پئماني تي ملھائي ويندي، سڄي سنڌ مان قافلا شرڪت ڪندا جلسه عام ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر خطاب ڪندو،
آگسٽ 3, 2025