ايشيا ڪپ جي وينيوز جو اعلان، پاڪ – ڀارت دنگل دبئي ۾ ٿيندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشيا ڪپ 2025 جي وينيوز جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽورنامينٽ جون سموريون ميچون گڏيل عرب امارتن جي ٻن شهرن دبئي ۽ ابو ظهبي ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڌيان حاصل ڪندڙ پاڪ – ڀارت مقابلو 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجون ٽئي گروپ ميچون دبئي ۾ کيڏندو، گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، يو اي اي ۽ عمان شامل آهن.
گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جون ٽيمون شامل آهن.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪُل 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.