ڦلجي اسٽيشن ڀرسان هٿياربند ڦرن دوران پيرسن عورت کان قيمتي ڇيلو ڦر، پوليس غائب، متاثر عورت جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنهور ) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان مال چاريندڙ پيرسن عورت کان موٽرسائيڪل سوار ڦورو ڏينهن ڏٺي جو زبدستي ڇيلو ڦر ڪري ويا ،ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ بابو پنهور واسي پيرسن عورت نوران زال محبوب پنهور مين چودڳي روڊ جي ڀرسان زرعي زمين ۾ ٻڪريون چاري رهي ھئي ته اچانڪ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار ٻن ڦورن هٿيارن جي زور تي ٻڍڙي عورت کي يرغمال بڻائي کيس تشدد ڪري ڏينهن ڏٺي جو زبردستي ڀلوڙ نسل جو ڇيلو ڦر ڪري کڻي ويا ،
اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پھتي ، ان موقعي تي پيرسن عورت روئيندي ٻڌايو ته غريب مسڪين آهيان ، ٻڪرين پالي گهر جو گذر صفر ڪندي آهيان ، اڄ مان مين چودڳي روڊ شريف ڪنڊي موڙ وٽ ٻڪريون چاري رهي هئس ته اچانڪ ٻه موٽر سائيڪل سوار ڦورو آيا ۽ هنن ڌڻ منجهان ڀلوڙ نسل جو ڇيلو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي مان مزاحمت ڪئي ته ظالمن مونکي تشدد ڪري زبردستي ڇيلو ڦر ڪري کڻي ويا ،
مان دانهون ڪيون پر منهنجي دانهن تي ڪير به نه آيو، اهڙو اطلاع پوليس کي ڪيو پر پوليس پڻ نه پهتي ، هن وڌيڪ چيو ته ڦلجي توڙي ڀرپاسي ۾ ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو آهي ، ڏوهاري سرعام ڏينهن ڏٺي جو مونکان ڇيلو ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، هن ايس،ايس، پي دادو سميت وس وارن کان گھر ڪندي چيو ته وڌندڙ بدامني جو نوٽس وٺي ڦرڪيل ڇيلو واپس ڪرائي ڏنو وڃي ،
آگسٽ 2, 2025