پريا ڪماري جي گمشدگي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بي وسي
سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ڪنهن افسانوي دنيا جو منظر نه رهيو آهي، پر هاڻي حڪومت جي ناڪاميءَ جو اظهار بڻجي چڪو آهي. ڌاڙيلن وٽ صرف هٿيار ئي نه آهن، پر سندن اهڙا سهولتڪار ۽ کين طاقت ور ماڻهن جي پٺڀرائي به حاصل آهي، جيڪي ڏينهن ڏٺي جو معصوم نياڻيون اغوا ڪري سندن وارثن سان ڀنگ جي ڳالهيون ڪرڻ ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان هر قدم کڻڻ جي همت ڏي ٿو. ڇا ڪو ٻڌائيندو ته اهي ڪهڙا علائقا آهن جتي پوليس جو عمل دخل ئي ناهي هوندي؟ ڪهڙا ٻيلا آهن جتي حڪومت جي رٽ نه هلندي هجي؟ ۽ ڪهڙا ماڻهو آهن، جن جي بندوق قانون کان به وڌيڪ طاقتور هجي؟
پريا ڪماري جو اغوا، صرف اقليت جي نياڻيءَ جو اغوا نه آهي، پر اهو سڄي انساني سماج جي اخلاقي زوال جو اڇو چٺو آهي. پريا جي اغوا جي پويان هڪ اهڙو پس منظر آهي، جنهن ۾ اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافيون، ۽ انتظامي ادارن جي سياسي غلامي سماجي انصاف کي بنهه بي اثر بڻائي ڇڏيو آهي. پريا ڪماري جي والد راج ڪمار جو چوڻ ته “اسان ڊي آءِ جي سکر سان ملاقات ڪئي آهي” انهيءَ درد جو اظهار آهي، جيڪو هڪ غريب، لاچار ۽ غيرمحفوظ پيءُ پنهنجي ڏک سان گڏ کڻي ٿو. ساڳي ريت پوليس جي طرفان “بازيابي جي خاطري” ڪنهن لطيفي کان گهٽ ناهي، ڇو ته گذريل چار سال جو عرصو اهڙين ئي خاطرين سان ڀريل آهي، جنهن مان ڪابه خاطري پريا کي واپس نه آندو.
سوال هي آهي ته پريا ڪماري ڪٿي آهي؟ هوءَ زندهه آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ڇا کيس معلوم آهي ته سندس ماءُ هن لاءِ روز رڙيون ڪري ٿي؟ سندس پيءُ سندس آخري تصوير ڏسي ٿو ته ڳوڙها وهائي ٿو؟ ڇا کيس اها خبر آهي ته چار سال رڳو عددي ڳالهه ناهي، پر اهو هڪ درد جي تاريخ آهي؟ ۽ جيڪڏهن پريا زندهه ناهي، ته حڪومت وٽ سندس وارثن لاءِ ڪو انصاف آهي؟ ڪو جواب آهي؟ ڪو ڏک آهي؟
اهڙن سوالن جي پاڙ ۾ اُهي بيحس سياسي قيادتون به آهن، جيڪي چونڊن کان اڳ اقليتن جي تحفظ جا نعرا هڻن ٿيون، پر حڪومتي اختيارن ۾ اچڻ کانپوءِ هڪ فون نه ٿا ڪن. اهڙي سماج ۾، جتي اقليتن کي پنهنجي ڌيئرن جي بازيابيءَ لاءِ به پبلڪ جي رحم وڪرم تي ڇڏڻو پوي، اتي انصاف جو تصور ئي بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو. ڇا پريا ڪماري جو نالو ڪافي ناهي ته معاشرو جاڳي پوي؟ يا پوءِ نياڻين جا نالا مذهبي سڃاڻپ سان جُڙيل هجن ته وري ڪو ڌيان ڏي؟
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته چار سال اڳ اغوا ٿي ويل پريا ڪماري ۽ هاڻوڪي ڀنگ جي گهر تائين، هڪ نئين حڪومتي بحران جي ڪهاڻي آهي. اڄ جيڪڏهن پريا جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ڀنگ لاءِ چيو ويو آهي آهن، ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي معصوم لاءِ ٻه ڪروڙن جو مطالبو ٿيندو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو وقت به ايندو، جڏهن ماڻهو پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول نه موڪلڻ ۾ ئي عافيت سمجهندا ۽ پوءِ تڏهن ئي احساس ٿيندو ته رڳو پريا ڪماري اغوا ٿي نه هئي، پر اُهو امن اغوا ٿي ويو هو،.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال ۾ وري ڪنهن ماءُ جو يقين بچي پوندو؟ ڪنهن پيءُ جي ساهه ۾ اميد رهندي؟ جيڪڏهن هڪ معصوم نياڻي کي اغوا ڪري چئن سالن تائين ڌاڙيلن وٽ رکيو وڃي ٿو، ته ان جو مطلب آهي ته اسان جي پوليس، ادارا ۽ حڪومتي مشينري صرف نوڪرين، پروٽوڪولن ۽ جعلي مقابلن جي حد تائين محدود ٿي وئي آهي. هن وقت تائين پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪيل ڪوششن جو احوال رڳو پوليس جي سکڻين احوالن تائين محدود آهي. نه ڪٿي ڪو آپريشن ٿيو، نه ڪو خاص ٽاسڪ فورس جوڙي وئي ۽ نه ئي ڪو سياسي نمايان اڳواڻ ان معاملي کي پنهنجي ذميواري سمجهي ڪو ٺوس قدم کنيو آهي.
جڏهن راج ڪمار جو فون جي گهنٽي وڄي ٿي ته ان مان پريا ڪماري جي بازيابيءَ جي خوشخبري بدران هڪ نئين اذيت جي شروعات ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي نه رڳو هوءَ اغوا ٿيل آهي، پر سندس بازيابيءَ جي قيمت به لڳائي وئي آهي: هڪ ڪروڙ! يعني ڌيئرن جون قيمتون مقرر ٿي ويون آهن. آخر هي ڪهڙو رستو آهي جنهن تي سنڌي سماج گامزن آهي؟ يقينن جو سبب لاقانونيت ئي آهي، ڇا اسان ايترا بي حس ٿي ويا آهيون جو نياڻيون اغوا ٿين، سندن بازيابي لاءِ ڀنگ جا مطالبا ٿين ۽ اسين رڳو مذمتن تائين محدود رهون؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت، خاص ڪري سکر رينج جي پوليس ۽ اعلى حڪومتي اختيارين کي گهرجي ته پريا جي بازيابي کي صرف هڪ فائيل جو ڪم نه سمجهن. اهو معاملو هڪ انسان جي زندگيءَ، هڪ سماج جي مستقبل ۽ هڪ اقليت جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن هن معاملي کي ترجيحي بنيادن تي نه ڏٺو ويو ته اهو صرف پريا ڪماري لاءِ نه، پر ايندڙ هر نياڻيءَ لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي ويندو. حڪومت، عدليا، ميڊيا ۽ سماج جي ذميواري آهي ته هوءَ صرف پريا ڪماري جي نه، پر نياڻين جي محفوظ مستقبل لاءِ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجو اخلاقي، سماجي ۽ انساني فرض عمل جي ميدان ۾ عملي طور نڀائي ڏيکاري ۽ جيڪڏهن هيءَ حڪومت، هنن ادارن ۽ هنن حڪمرانن جي وس ۾ آهي ته پريا ڪماري جي واپسيءَ کي يقيني بڻائين، ته پوءِ اهو وقت آهي ته انهن پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪن. ٻي صورت ۾، تاريخ هنن کي صرف مجرمن سان گڏ بيهاري ڇڏيندي .
آگسٽ 2, 2025