ٽرمپ جو پاڪستان سان نئون باب کولڻ جو اعلان: ڇا سنڌ عالمي سيڙپڪاري جو مرڪز بڻبي؟

Spread the love

ڊونلڊ ٽرمپ جي حيرت انگيز اعلان سان پاڪستان ۾ توانائي جي اميدن جو هڪ نئون باب کلي پيو آهي. آمريڪي صدر چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تيل جا ذخيرا نڪرائڻ لاءِ هڪ شراڪتي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت ٻئي ملڪ گڏجي پاڪستان جي قدرتي وسيلن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪم ڪندا.

ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهم سوال اڀريو ته اهي تيل جا ذخيرا اصل ۾ آهن ڪٿي؟ ۽ آمريڪي شراڪتداري سان پاڪستان جي توانائي شعبي تي ڪهڙو اثر پوندو؟

پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي، پر ان ۾ خاص ترقي نه ٿي سگهي آهي. پاڪستان پئٽروليم انفارميشن سروسز موجب، ملڪ ۾ هن وقت فقط 2 ڪروڙ 38 لک بيرل تيل جا تصديق ٿيل ذخيرا موجود آهن.

ماهر محمد وصي خان جو چوڻ آهي پاڪستان جي ضرورتن جو رڳو 10 کان 15 سيڪڙو تيل مقامي سطح تي پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته باقي 80 کان 85 سيڪڙو تيل درآمد ڪيو وڃي ٿو.

ٻئي پاسي يو ايس انرجِي انفارميشن ايڊمنسٽريشن (EIA) جي جائزن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 9 ارب بيرل تيل جا وسيع ذخيرا موجود آهن، پر اهي تجارتي طور تي ثابت ٿيل ناهن جيستائين انهن مان نفعو نه ڪڍيو وڃي.

محمد وصي خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اڳين ڪوششن جي ناڪامي جو سبب سيڙپڪاري جي کوٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي اڻهوند آهي. ان ڏس ۾ ٽرمپ جو بيان واضع ڪري ٿو ته آمريڪا اهڙي ڪمپني کي اڳتي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪا پاڪستان جي وسيلن کي تجارتي بنيادن تي استعمال جي قابل بڻائي سگهي.

هاڻي اچون ٿا ماڻهن جي اٿندڙ ان سوال ڏي ته آخر ملڪ اهي ذخيرا آهن ڪٿي جن تي ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ آمريڪي ڪمپنيون ڪم ڪنديون؟

پاڪستان ۾ تيل جي ڳو جو ڪم چئني صوبن ۾ هلي رهيو آهي، پر سنڌ ان شعبي ۾ سڀني کان اڳڀرو آهي.

پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ڪل 247 کوهه آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 33، خيبرپختونخوا ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 4 کوهن تي ڪم ٿي رهيو آهي.ڄاڻايل کوهن مان ڪيترن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقين تي عمل جاري آهي.

سنڌ جي سرزمين، جيڪا هزارين سالن کان قدرتي وسيلن سان ڀريل رهي آهي، اڄ به پاڪستان جي توانائي ضرورتن جو وڏو حصو مهيا ڪري ٿي. سنڌ، قدرتي گئس، تيل، ڪوئلي، سنگ مرمر، چوني پٿر، لوهه، جپسم، سڻپ ۽ ٻين قسمن جي معدنيات سان مالا مال آهي.

ملڪ جي قدرتي گئس جي پيداوار ۾ به سنڌ جو حصو اٽڪل 65 سيڪڙو تائين آهي، جڏهن ته تيل جي پيداوار جو وڏو حصو به سنڌ مان ئي نڪري ٿو.

سنڌ جي گئس فيلڊز، جيئن سوئي، قادپور، گمبٽ ۽ ماڙي، ملڪ جي توانائي جو بنيادي سهارو آهن، جن کانسواءِ ملڪ جي صنعت ۽ روزاني زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي ماهر محمد وصي خان موجب ئي ٽيڪنالا جي اڻهوند توڙي سيڙپڪاري جي کوٽ جي باوجود به ٻين صوبن سان گڏ ۽ انهن کان وڌيڪ مختلف وقتن تي لڳاتار سنڌ مان نيون دريافتون ٿينديون رهن ٿيون.

سال2021 ۾ خيبرپختونخوا جي لڪي مروت واري علائقي ۽ 2022 ۾ بنو ويسٽ بلاڪ، تعلقي شيوا، اتر وزيرستان مان گئس ۽ تيل جا اهم ذخيرا دريافت ٿيا، جيڪي ان وقت جي لحاظ سان وڏيون دريافتون هيون.

انهن کانپوءِ سنڌ ۾ پڻ ڪجهه نيون دريافتون ٿيون.رڳو سال 2023 جي وچ ڌاري سنڌ جي گهوٽڪي ضلعي جي علائقي خانپور ۾ او جي ڊي سي ايل طرفان هڪ نئين گئس جو ذخيرو دريافت ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳي سال بدين ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ پڻ نئين تيل ۽ گئس جا ذخيرا سامهون آيا. انهن دريافتن مان سنڌ جي وسيلن جي پائيداري ۽ واڌاري جي تصديق ٿئي ٿي.

پئٽروليم ڊويزن جي پارلياماني سيڪريٽري ميان خان بگٽي موجب، سنڌ ۾ تيل جي شعبي ۾ هن وقت گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ پڻ ذخيرا موجود آهن، جن تي حڪومت ڪم ڪري پئي.

جيڪڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان کي ڏسجي ۽ واقعي ڪو معاهدو عملي شڪل اختيار ڪري ٿو ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته آمريڪي ڪمپنيون خاص طور تي سنڌ تي ڌيان ڏينديون، ڇو ته تيل ۽ گئس جا سڀ کان وڌيڪ ۽ ثابت ٿيل ذخيرا سنڌ ۾ ئي موجود آهن.

ان سان گڏ سنڌ جي هاڻوڪي انفراسٽرڪچر، لڳاتار دريافتون ۽ توانائي شعبي ۾ اڳڀرائي کي ڏسندي لڳي ٿو ته آمريڪي يا ٻي ڪنهن به به عالمي ڪمپني لاءِ سنڌ قدرتي وسيلن جي مرڪزي جڳهه هوندي.

انکانسواءِ بلوچستان ۽ ڪي پي جي ناهموار حالتن، سيڪيورٽي چئلينجن ۽ گهٽ ترقي يافته انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي، سنڌ هڪ محفوظ ۽ ڪارآمد چونڊ لڳي ٿي. جيڪڏهن آمريڪي شراڪتداري سان ڪو منصوبو اڳتي وڌي ٿو ته ان پاڪستان جي توانائي شعبي کي گهڻو فائدو پهچندو جنهن ۾ مُک ڪردار صوبي سنڌ جو ٿي سگهي ٿو.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو