هزارين نيون نوڪريون، حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪجهه سالن دوران هزارين نيون نوڪريون پيدا ٿينديون.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو صنعتي سهڪار ۽ ڪاروباري رابطن تي کتل هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان صنعتي واڌاري ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي اڳتي وڌندو.
هن چيو ته حڪومت جديد صنعتن جي ضرورتن سان هم آهنگ افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ چيني ماڊل تحت ووڪيشنل ايڪسيلنس سينٽر قائم ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته ” اُڙان پاڪستان “پروگرام کي چيني ووڪيشنل ماڊل مان رهنمائي ملندي ۽ اِهو پروگرام سي پيڪ ويزن سان جڙيل آهي. ” اُڙان پاڪستان “ پروگرام فائييو ايز معاشي تبديلي منصوبي جو اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي نيون مهارتون فراهم ڪرڻ آهي.
احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ اڪثر آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن تي ٻڌل آهي، ملڪ دنيا جي سڀ کان وڏي نوجوان افرادي قوت رکندڙ ملڪن مان آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روايتي نوڪرين جو خاتمو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته نئين مهارتن جي گهرج وڌي رهي آهي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، بيگ ڊيٽا ۽ گرين ٽيڪنالاجي دنيا جو نقشو بدلائي رهيون آهن.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو