نوابشاهه ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو شاندار جشن، اڳواڻن پاران عوامي جدوجهد جاري رکڻ جو عزم

Spread the love

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو نوابشاھ پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 35هين سالگرهه جي تقريب جو شاندار انتظام، اڳواڻن پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ وڏي ڄمار لاءِ دُعا گھري وئي خبر موجب نوابشاهه ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي ضلعي تنظيم طرفان پارٽي جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 35هين سالگرهه جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

تقريب جي صدارت ضلعي اڳواڻ الطاف ڀٽي ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ علي شير، اياز بروهي، غلام حسين ڪولاچي، پرويز احمد، سميت ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ سالگرهه جي تقريب دوران اڳواڻن گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي صحت، سلامتي ۽ وڏي ڄمار لاءِ گڏيل دعا پڻ گهري وئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو شهيد ڀٽو جي سياسي ورثي جو امين آهي، پر هن نئين نسل جي اميدن جو محور پڻ آهي۔ هي نوجوانن جي آواز،

جدوجهد، ۽ جمهوريت جي علامت بڻجي چڪو آهي۔ اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو هميشه عوامي سياست، قربانين ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي، ۽ جونيئر ڀٽو انهيءَ جدوجهد کي نئين سر توانائي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي۔ ان موقعي تي ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو قابل ڏسڻ هو، جن نعرا هڻي جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان پنهنجو پيار جو اظهار ڪيو۔

هال اندر پارٽي جا جهنڊا، بينر، ۽ ڀٽو خاندان جون تصويرون لڳايون ويون هيون، جڏهن ته سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڀٽو شهيد جي يادگار تصويرن سان سينگاريل هو۔ تقريب پُرامن ماحول ۾ پوري عقيدت ۽ احترام سان پڄاڻي تي پهتي، ۽ اڳواڻن ايندڙ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارٽي اندر اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو۔

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو