علي امين گنڊاپور جيڪڏهن صوبي ۾ امن امان قائم نٿو رکي سگهي ته استعيفيٰ ڏئي: عمران خان

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جون جيل سهولتون بحال ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ڪتاب ۽ اخبارون به فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جي گذريل ڏينهن ٻارن سان هڪ ڪلاڪ ٻارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪرائي وئي.
ذريعن موجب عمران خان چيو ته گذريل ڏينهن فون تي ڳالهائي خبر پئي ته ٻارن جو نائيڪوپ ايڪسپائر ٿيو آهي، ٻار جيڪڏهن ملاقات لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته ضرور اچن، مان ڪڏهن ناهي چيو ته ٻار احتجاجي تحريڪ لاءِ پاڪستان ايندا.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪڏهن صوبي ۾ امن امان قائم نٿو ڪري سگهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هو جيڪڏهن گورننس جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي ته ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏيڻ گهرجي.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو