سکر ۾ واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جو نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران مطالبن جي مڃتا واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، نعريبازي، ملازمن سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي. اڳواڻن جو اظهار ڪيو ان سلسلي ۾ مزدور اڳواڻ سيپڪو نثار احمد شيخ جي هدايت تي هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران مطالبن جي مڃتا۔واپڊا جي نجڪاري،
مهانگائي ۽ ملازمن جي ڊگهي عرصي کان مسئلن خلاف سرڪل آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين ملازمن جي وڏي انگ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ان موقعي کي ڌرڻي جي اڳواڻي خليل احمد ڊومڪي، شجاعت حسين گھمرو، ابراهيم ڏهر,سيد ماجد حسين شاهه، عبدالخالق ساوند، عقيل احمد دايو، اشفاق احمد مهر، هدايت الله، عبدالملڪ سومرو،
نذر ميمڻ هارون سيال ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي جڏهن ته مظاهري ۾ سکر زون ۽ گهوٽڪي زون جي سمورن عهديدارن کان علاوه جي ايس سي، جي ايس او، ايم اينڊ ٽي، ڪمپيوٽر، ايف ڊي، ايس اينڊ آءِ، فيلڊ اسٽور، ٽريننگ سينٽر، آر او آفيس، سرڪل، سمورين ڊويزن ۽ ڊويزن سب ڊويزن جي ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن حڪومت ۽ سيپڪو انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري کي فوري طور تي روڪيو وڃي ڇو ته هي قومي ادارو آهي ۽ ان جي نجڪاري هزارين ملازمن ۽ انهن جي خاندانن کي متاثر ڪندي،
اڳواڻن چيو ته معاهدي ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي فوري طور تي مستقل ڪيو وڃي، پگهارن ۽ الائونسن ۾ مهانگائي جي تناسب سان واڌ ڪئي وڃي، پروموشن ۽ ٽائم اسڪيل جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن کي سندن واجبات جلد کان جلد ادا ڪيا وڃن. اڳواڻن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي مڪمل حفاظتي سامان فراهم ڪيو وڃي ۽ طبي سهولتن کي بهتر بڻائي ملازمن ۽ انهن جي خاندانن کي رليف ڏنو وڃي.
اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن جي مطالبن تي فوري طور تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائيندي وڏي تحريڪ هلائي ويندي. آخر ۾ يونين جي اڳواڻن سڀني ملازمن تي زور ڀريو ته هو اتحاد ۽ يڪجهتي سان پنهنجي آئيني جدوجهد جاري رکن ، ڇو ته سيپڪو ملازم هن اداري جي ريڙهه آهن ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي.
آگسٽ 2, 2025