سانگهڙ ۾ واپڊا جي نجڪاري خلاف هائيڊرو يونين جو احتجاجي مظاهرو، روزگار بچائڻ ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف آواز بلند

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) پوري ملڪ جيان سانگهڙ ۾ هائيڊرو يونين پاران واپڊا جي ممڪنہ نجڪاري خلاف احتجاجي مظاھرو. ان سلسلي ۾ سانگھڙ ميرپور خاص چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ميرپور چوڪ تي پهتي، جتي مظاهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته واپڊا جي نجڪاري نه رڳو هزارين محنت ڪشن جي روزگار کي خطري ۾ وجهندي،

پر عوام لاءِ بجلي جي اگهن ۾ به تمام گھڻو واڌارو آڻيندي. مقررين چيو ته نجڪاري جا فيصلا غريب دشمن پاليسين جو تسلسل آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. احتجاج ۾ شريڪ ٿيندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊز ۽ بينرز هئا، جن تي “نجڪاري نامنظور” “محنت ڪشن جو استحصال بند ڪريو” جهڙا نعرا لکيل هئا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نجڪاري جي عمل کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ ملازمن جي روزگار کي تحفظ ڏنو وڃي.

هي احتجاج هڪ واضح پيغام آهي ته قومي ادارن کي وڪڻڻ خلاف عوامي مزاحمت ڏينهن بہ ڏينهن وڌي رهي آهي، ۽ جيڪڏهن عوام جي آواز کي نه ٻڌو ويو ته هي تحريڪ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو