ڦلجي اسٽيشن: پوليس جي نااهلي سبب بدامني عروج تي، هڪ رات ۾ ٻن دڪانن تي چوريون، شهرين جو احتجاج

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنهور) ڦلجي اسٽيشن پوليس شهرين جي جان مال جو ٺيڪو ڏوهارين کي ڏئي ڇڏيو ، چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل پوليس اگهور ننڊ ستل ، ڦلجي شھر مان هڪ رات ۾ ٻن چورين جي وارداتن ٿيڻ باوجود پوليس اک نه پٽي ، گذريل رات ڦلجي شهر جي آريبکر ڪالوني مان اڻڄاتل چورن رجب بروهي جي دڪان جا تالا ڀنڃي دڪان ۾ پيل هزارين رپيه روڪ رقم ، سولر پليٽ ۽ سامان چوري ڪري ويا  ،

 ٻئي پاسي ساڳئي رات  اڻڄاتل چور سهراب پنهور جي دڪان کي کاٽ هڻي دڪان ۾ پيل سامان چوري ڪري ويا اطلاع ملڻ باوجود پوليس ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو ، رابطي تي چوري متاثرن چيو ته ڦلجي مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي ، پوليس جي نااهلي آهي جو هڪ رات ۾ ٻه چوريون ٿيڻ باوجود پوليس ننڊ ستل آهي ، چورن آساني سان اسانجي دڪانن کي کاٽ هڻي ۽ تالا ڀنڃي دڪانن مان هزارين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري آساني سان کڻي ويا ،

هنن وڌيڪ چيو پوليس ٿاڻي تائين محدود هئڻ ڪري  گذريل ڏينهن پورهيت محمد يامين جمالي کان ڏينهن ڏٺي جو ڦورن هٿيارن جي زور تي تشدد ڪري موٽر سائيڪل ۽ سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، وڏو ظلم آهي اسين گهرن ، روڊن تي محفوظ نه آهيون

پوليس وڌندڙ بدامني خلاف ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه پئي ڪري هنن ايس،ايس،پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڦلجي پوليس کان سختي سان پڇاڻو ڪري ڪيل چوريون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ۽ شھر جو  امن بحال ڪيو وڃي ،

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو