چوماسي جي ڇهين اسپيل جو الرٽ جاري، 5 آگسٽ کان سخت برساتن جي اڳڪٿي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پپنجاب ۾ قدرتي آفتن منهن ڏيندڙ اداري پي ڊي ايم اي چوماسي برساتن جي ڇهين اسپيل جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 5 آگسٽ کان پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، برساتن سبب 5 آگسٽ کان چناب ۽ جهلم واري ۾ وچولي کان مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي.
ترجمان موجب، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا ۽ حافظ آباد ۾ برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ لاهور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھه، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، ننڪانا صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد، اوڪاڙو، ڊيرا غازي خان، بکر، بهاولپور، خانيوال، پاڪپتڻ، لوڌاران، مظفرگڙھه ۽ راڄنپور به وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ترجمان چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هدايتن تي لاڳاپيل ادارن کي خبردار ڪيو ويو آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته سخت برساتن سبب مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، جڏهن ته ڪچا يا ڪمزور گهر به متاثر ٿي سگهن ٿا.
انتظاميا طرفان عوام ۽ مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي محتاط رهن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
عوام کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته اربن يا فليش فلڊنگ جي صورت ۾ محفوظ هنڌن تي رهن، گاڏي وهندڙ پاڻي ۾ نه هلائين ۽ ايمرجنسي جي حالت ۾ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪن.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو