مثبت سوچ پيدا ڪندڙ هن ڪتاب جي اسان جي سماج کي مبارڪ هجي

Spread the love

انور پيرزادي صاحب، بدر ابڙي جي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ جو مهاڳ هن جملي سان لکڻ شروع ڪيو هو ته ”هيءُ ڪتاب بدر ابڙي جي اندر ۾ جڏهن هڪ اڌمي جي صورت ۾ سرجڻ لڳو هو، مون تڏهن ئي پڙهي ورتو هو“. انور صاحب جيئن ته سنڌوءَ جي سڄي سفر ۾ ڏينهن رات هڪ هڪ پل ٽيم ميمبر جي حيثيت ۾ بدر ابڙي سان گڏ هو ۽ سنڌوءَ جي سڄي سفر جو اکين ڏٺو شاهد هو، تنهن ڪري ئي هو يقينن اهڙي دعويٰ ڪري سگهيو هو.

”مثبت سوچ“ نالي مضمونن تي ٻڌل هن ڪتاب تي منهنجي ڀاءُ زيد پيرزادي مونکي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ته ان وقت ئي انور صاحب جون بدر ابڙي جي ڪتاب تي لکيل اهي سٽون منهنجي ذهن تي تري آيون جو منهنجي ڪيفيت به ان وقت اهڙي هئي. زيد جي سوچ ۽ سندس اسڪول آف ٿاٽ کان گهر ڀاتي هئڻ، ساڻس هر وقت گڏ هئڻ، ڪچهريون ۽ بحث مباحثا ڪرڻ سبب ظاهر آهي ته مان چڱيءَ ريت واقف آهيان تنهن ڪري مون کي به هن ڪتاب کي پڙهي ڪجهه لکڻ جي ڪا خاص ضرورت نه هئي. ٻيو ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه مضمون اهڙا به آهن جيڪي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج طور مون عوامي آواز جي اخبار ۾ شايع ڪيا هيا. زيد يقينن ان نسبت سان ئي مونکي ڪجهه لکڻ جو چيو آهي. ان ناتي ئي هن ڪتاب جي ارپنا ۾ منهنجو به نالو لکيو آهي. منهنجو نالو سڀ کان مٿي ڪري شايد ان ڪري رکيو ويو آهي جو سڀ کان اڳ ۾ مون ئي عوامي آواز ۾ سندس شاعري ۽ پوءِ مضمون شايع ڪيا هيا ائين زيد هڪ شاعر ۽ ليکڪ طور متعارف ٿيو ۽ پوءِ ٻين اخبارن ۾ وڌيڪ شايع ٿيڻ لڳو.

منهنجي وس ۾ هجي ها ته مان زيد ۽ امر کي جيڪر ٻين اخبارن ۾ مواد موڪلڻ جي اجازت ئي نه ڏيان ها پر پوءِ ڪُند ذهنيت اهو تاثر وٺي ها ته هڪ ڀاءُ پنهنجن ڀائرن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ اخبار کي استعمال ڪري رهيو آهي پر جڏهن هو ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا ته پوءِ مان ۽ هو ٻئي اهڙي ڪنهن ليبل لڳڻ کان بچي وياسين پر مون کي ذاتي طور رڳو ان ڳالهه جو افسوس ٿي رهيو آهي ته زيد جيڪڏهن مستقل طور تي مون وٽ لکي ها ته سندس هي ليک مضمونن جي ڪتاب طور نه پر ڪالمن جي ڪتاب طور شايع ٿين ها ڇاڪاڻ ته زيد جا هي مضمون نه پر پنهنجي جوهر ۾ ڪالم آهن. سندس ڊڪشن مضمونن جو نه پر ڪالمن جو آهي جنهن ۾ موضوع کي مضمون جي زمين ۾ نه پر ڪالم جي لهجي ۾ لکيو ويو آهي. زيد جا هي ليک ڪالم جي مخصوص سري هيٺ شايع ڪيا وڃن ها ته پوءِ زيد به پنهنجين انهن لکڻين تي ڪالم جي دعويٰ ڪري سگهي ها پر افسوس ته سندس ڪالمن کي اخبارن مضمون ڪري شايع ڪيو، جنهن ۾ زيد جو ذاتي طور ڪو ڏوهه ناهي. هونئن ته اڄ ڪلهه اخبارن ڏانهن جيڪو به مضمون موڪليو ويندو آهي تنهن کي ”ڪالم“ چيو ويندو آهي پر زيد پنهنجن ڪالمن کي به ڪالم نٿو چئي ڇاڪاڻ ته سندس ڪالمن کي ڪالم جي عنوان تحت شايع نه ڪيو ويو هو. هنن مضمونن جن کي مان ڪالم ٿو چوان تن ۾ زيد مختلف موضوعن کي ڪيئن ڏٺو ۽ سمجهيو آهي تنهن کي داخلي پيرائي ۾ لکيو آهي ۽ ان تحت ئي ٻين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هنن موضوعن، معاملن ۽ مسئلن کي هيئن سمجهيو يا ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته سمجهڻ ۽ ڏسڻ هيئن گهرجي. اها پنهنجي راءِ ۽ پنهنجي نج ذاتي سوچ ڪالم جي صنف ۾ ئي ڏئي سگهبي آهي. مضمونن ۾ ته موضوع کي ئي فوڪس ڪيو ويندو آهي. ان ۾ ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ راين جي گنجائش گهٽ ئي هوندي آهي.

زيد جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن کي جيڪي مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن تن کي سهيڙي هتي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، مضمونن جي انهن ڀاڱن ۾ ٻه موضوع يا ٻه شعبا تعليم ۽ صحت ته سڌو سنئون زيد جي پروفيشن جا موضوع آهن ڇو ته پاڻ تعليم دان ۽ سائنٽسٽ (مائيڪرو بائلاجسٽ) آهن ٽيون موضوع سوشل ميڊيا آهي جنهن جي گهرجن، اصولن ۽ آدابن کان پاڻ ڀلي ڀت واقف آهن. سماجيات جي موضوعن ۾ وري سندس دانش مندي وارو پاسو نمايان ٿئي ٿو ۽ ادب تي لکيل مضمونن ۽ ڪتابن تي تبصرن ۾ هو اديب، شاعر ۽ نقاد طور خيالن جو اظهار ڪري ٿو. مطلب ته زيد جن موضوعن تي لکيو آهي سي سندس ئي موضوع آهن تنهن ڪري ئي هو ڀرپور، بامقصد، معلوماتي ۽ پرمغز مضمون لکڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.

مون پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ وڏو ۽ اڪثريتي ڪم مضمونن ۽ ڪالمن کي پڙهڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو ڪيو آهي تنهن ڪري مان هاڻي ليکڪ کي ڏسي يا سندس نالو پڙهي سمجهي ويندو آهيان ته هن ڇا لکيو هوندو. ايئن زيد جڏهن به ڪو شعر يا ڪو مضمون لکندو آهي ته مان سمجهي ويندو آهيان ته انهن لکڻين ۾ اسان کي ڪا نئين ڳالهه، نئين سوچ پڙهڻ لاءِ ملندي، رَٽيل پٽيل پراڻيون روايتي ڳالهيون نه ملنديون. جڏهن ته عام طور تي اسان کي لکيل مضمونن ۾ ڪي نيون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ناهن ملنديون. مثال سماج هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي، اسان  جي تعليم ۽ تعليمي ادارا هيئن آهن پر هئڻ هيئن گهرجن، سوشل ميڊيا کي هيئن استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ڪرڻ هيئن گهرجي، صحت ڏانهن اسان جو رويو هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي، ادب ڏانهن اسان جو تصور هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي.

زيد جي اها به تمام وڏي خاصيت آهي جيڪا حقيقي دانشورن ۾ هئڻ ضروري هوندي آهي سا اها آهي ته هو آئڊياز جو ڀنڊار آهي. هن وٽ تمام گهڻيون تجويزون ۽ مشورا هوندا آهن، جيڪي هو هر ماڻهو، هر اداري ۽ هر تنظيم کي ڏيندو آهي تنهن ڪري سندس لکڻين ۾ به اها خاصيت نمايان آهي ته سندس تحريرون تجويزن ۽ مشورن سان مالا مال هونديون آهن. مان جيڪڏهن هتي زيد جي ڪتاب ۾ شامل هڪ هڪ مضمون جون خاص خاص سٽون، جملا، پئراگراف، خاص نقطا، اٿاريل سوال انهن جا جواب، ڏنل تجويزون ۽ مشورا لکان ته اُهو مواد به هن ڪتاب جيڏو ئي ٿي ويندو تنهن ڪري مان چاهيندس ته اهو سپينس برقرار رهي ۽ توهان پاڻ ئي ڪتاب پڙهو.

زيد ۾ هڪ ليکڪ طور اها به وڏي طاقت موجود آهي ته هو راءِ عامه جوڙيندڙ ليکڪ آهي، هو جيئن ته موٽيويٽر به آهي تنهن ڪري سندس شخصيت جو اهو پاسو به سندس لکڻين ۾ ملي ٿو، جنهن سبب هن کي تمام وڏي ريڊر شپ پڻ ملي آهي. سندس پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو موجود آاهي. سو جيئن مون مٿي لکيو آهي ته زيد راءِ عامه جوڙيندڙ ليکڪ آهي ته هن ڪتاب ذريعي به هو تمام اهم راءِ عامه جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي يا سڀ کان وڏي ۽ نئين سوچ جيڪا هي ڪتاب ڏئي ويو آهي يا جنهن جي نشاندهي ڪري ٿو سا اها آهي ته اسان جي سماج ۾ سمجهه جو وڏو فقدان آهي، منفي سوچ حاوي ٿي وئي آهي جيڪا سماج کي به منفي بڻائي رهي آهي.

شئين کي درست رخ ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ به مثبت سوچ ئي آهي پوءِ ڀلي اهو سماج هجي، انساني رويا هجن، تعليم ۽ صحت هجي، سوشل ميڊيا هجي، ادب يا ڪتاب هجن انهن سڀني شعبن ۽ معاملن جو سڌو سنئون تعلق انسان جي زندگين سان آهي پر انهن شعبن ۽ معاملن ڏانهن به اسان جي سوچ ۽ رويو اڪثريتي طور تي منفي، غير سنجيده، جذباتي، ڪم عقلي وارو ۽ غير سائنسي رهيو آهي جنهن نتيجي ۾ اسان جو سماج ۽ ان جا جملي شعبا به منفي، غير سنجيده، جذباتي، ڪم عقلي ۽ غير سائنسي بڻجي ويا آهن. زيد انهن سڀني معاملن ۽ مسئلن جي رڳو نشاندهي ئي نه ٿو ڪري پر جيڪي به مسئلا بيان ڪري ٿو، تنهن جو حل به ٻڌائي ٿو ۽ حل به ڪو غير سائنسي ۽ دقيانوسي نه پر سائنسي، مڪمل دليلن، حوالن ۽ منطق سان پيش ڪري ٿو جنهن سان پاڻ کي ۽ سماج کي يا انهن شعبن ۽ معاملن ۾ تبديلي آڻڻ جو اتساهه ملي ٿو.

تنهن ڪري اچو ته مثبت سوچ کي جنم ڏيون جنهن سان بقول زيد پيرزادي جي ته مثبت معاشرو پيدا ٿيندو. سو اچو ته هي ڪتاب پڙهي مثبت سوچ کي سمجهون، اها سمجهه حاصل ڪري پاڻ کي به مثبت بڻايون ته پنهنجي سماج کي به مثبت سوچ ۾ تبديل ڪريون. مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب کي جيڪو به پڙهندو سو محسوس ڪندو ته هو پنهنجي اندر ۾ ڪا مثبت تبديلي محسوس ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري اهڙي مثبت سوچ پيدا ڪندڙ هن ڪتاب جي، اسان جي سماج کي مبارڪ هجي.

ايئن زيد جڏهن به ڪو شعر يا ڪو مضمون لکندو آهي ته مان سمجهي ويندو آهيان ته انهن لکڻين ۾ اسان کي ڪا نئين ڳالهه، نئين سوچ پڙهڻ لاءِ ملندي، رَٽيل پٽيل پراڻيون روايتي ڳالهيون نه ملنديون.مثال سماج هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي، اسان  جي تعليم ۽ تعليمي ادارا هيئن آهن پر هئڻ هيئن گهرجن، سوشل ميڊيا کي هيئن استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ڪرڻ هيئن گهرجي، صحت ڏانهن اسان جو رويو هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي، ادب ڏانهن اسان جو تصور هيئن آهي پر هئڻ هيئن گهرجي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو