عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو قائدآباد دورو، نون ميمبرن جي پارٽي ۾ شموليت
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي اڳواڻ جو دورو نون ميمبرن جي شموليت عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو ۽ سنڌي مزدور تحريڪ ملير جي سيڪريٽري جبار پليجو جي اڳواڻي ۾ قائدآباد جو دورو ڪيو ويو جتي تعليمي،
سياسي ۽ تنظيمي گڏجاڻي ڪئي ويئي گڏجاڻي ۾ جاويد پليجو، وقار مرکنڊ، منير پليجو، عمران پليجو، ڪامران پليجو، الھبچايو پليجو، زاھد پليجو، مجيد پليجو ۽ آريان پليجو (SBT) سميت ٻين شرڪت ڪئي.گڏجاڻي دوران عوامي تحريڪ جي فڪر،
جدوجهد ۽ پليجي ازم کان متاثر ٿيندي نون ميمبرن پارٽي ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو. اڳواڻن نون ميمبرن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته تحريڪ جي واڌاري لاءِ گڏجي جدوجهد جاري رکي ويندي.
آگسٽ 1, 2025