سکر جي نامياري وڪيل خان محمد سانگي سپريم ڪورٽ جو وڪيل مقرر، سنڌهاءِڪورٽ بار پاران شاندار آجيان

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر جو ناميارو وڪيل ۽ قانوندان خان محمد سانگي سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿي ويو سنڌهاءڪورٽ بار ۾ وڪيلن کيس اجرڪ ۽ گل پارائي خوشي جو اظهار ڪندي آجيان ڪئي وئي۔ سنڌهاءڪورٽ سکر جو سينيئر وڪيل اڳواڻ خان محمد سانگي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل ٿيڻ بعد سنڌهاءڪورٽ بار سکر پهتو ته سنڌهاءڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو.شبير بوزدار.رخسار جوڻيجو.

 علي گل عباسي. اسرار شاهه. سندر خان چاچڙ.غلام مرتضيٰ ڪورائي. بدرالدين ميمڻ.نعمت شاهه ۽ ٻين آجيان ڪندي اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ويا ان موقعي سنڌهاءڪورٽ سکر بار جو صدر قربان ملاڻو چوڻ آهي ته خان محمد سانگي قابل وڪيل آهي پنهنجي قابليت جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو آهي اهو سنڌهاءڪورٽ بار ۽ سکر جي لاء اعزاز آهي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو