سيوهڻ ۾ زائرين تي پابندي خلاف شيعا علماء ڪائونسل جي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ به شيعا علماء ڪائونسل تعلقه سيوھڻ ۽ سٽي سيوھڻ طرفان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، تفصيل موجب حڪومت پاڪستان پاران ايران روڊ رستي ويندڙ زائرين تي پابنديءَ جي خلاف شيعا علماء ڪائونسل تعلقه سيوھڻ ۽ شيعا علماء ڪائونسل  سٽي سيوھڻ پاران ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،

جيڪا درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي قديم علم پاڪ کان وٺي ڌمال چونڪ تائين ھڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌمال چونڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ھن احتجاجي ريلي جي اڳواڻي شيعا علماء ڪائونسل سيوھڻ سٽي جي صدر سيد عنايت علي شاهه لڪياري،

شيعا علماء ڪائونسل تعلقي جي صدر خادم حسين رونجھو سٽي سيوهڻ جي جنرل سيڪريٽري احسان رند، ظفر علي شيخ ، پرويز علي سومرو، اصم گل ملاح، آصف علي انصاري، اعجاز علي انڙ، زاھد حسين ڏاھري، غلام عباس ڀٽي ۽ مھراڻ ساگر سميت شيعا علماء ڪائونسل جي عهديدارن ۽ سيوھڻ شھر جي رھواسين  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو