دادو: جهلو ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، ڀاءُ هٿان ڀاءُ زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جهلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ قائم کرل ڀرسان زمين جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن دوران وڏي ڀاءُ ۽ ٻين ساٿين هٿيارن سان حملو ڪري نوجوان کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ پنهل ولد ابراهيم چانڊيو طور ڪئي وئي آهي، جنهن کي فوري طور تي دادو جي پراڻي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،

جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت سبب سيوهڻ جي اسپتال ريفر ڪيو ويو زخمي پنهل چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مان دادو شهر ۾ رهندو آهيان، پنهنجي زرعي زمين تي بيٺل فصل ڏسڻ ويس ته وڏي ڀاءُ اسماعيل، وزير چانڊيو، رزاق، عطا محمد، وحيد علي، جاويد علي چانڊيو ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪيو.

 هنن ٻنهي ڄنگهن ۾ ڪلاشنڪوف جون گوليون هڻي مون کي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو