ڊبليو سي ايل: ڀارت وري ميدان ڇڏي ڀڄي ويو، پاڪستان فائنل ۾

Spread the love

ويب ڊيسڪ (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پاڪستان کي فائنل ۾ سڌي ريت داخلا ملي وئي آهي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ايونٽ جو سيمي فائنل پاڪستان چيمپيئنز ۽ ڀارت چيمپيئنز وچ ۾ خميس تي برمنگھم ۾ شيڊيول هو، پر ڀارت جي انڪار کانپوءِ پاڪستان کي واڪ اوور ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته سياسي ڇڪتاڻ سبب ڀارت اڳ به گروپ ميچ ۾ پاڪستان خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏني وئي هئي.
رپورٽ هاڻ پاڪستان جو ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ مقابلو آسٽريليا چيمپيئنز يا ڏکڻ آفريقا چيمپيئنز سان ٿيندو.

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو