پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدو طئي ٿي ويو، تفصيل پڌرا

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدو ڪاميابيءَ سان طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت پاڪستاني شين تي لڳندڙ ٽيرف ۾ گهٽتائي ايندي.
ان واپاري معاهدي جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشيل ميڊيا پليٽفارم”ٽروٿ سوشل“ تي پوسٽ ذريعي ڪيو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ان معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، منڊين تائين رسائي، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معاهدو ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ آمريڪي سيڪريٽري آف ڪامرس هاورڊ لوٽنڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گرير جي ملاقات دوران طئي ٿيو.
ناڻي واري وزارت موجب، ان معاهدي جي نتيجي ۾ خاص طور تي آمريڪي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني برآمدات تي لاڳو ٽيرف گهٽايا ويندا، جيڪو ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن لاءِ هاڪاري قدم هوندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين اهم اقتصادي شعبن ۾ نئين دور جي سهڪار جي شروعات جو ڪارڻ بڻبو.
ناڻي واري وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان معاهدي سان پاڪستان ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي اميد آهي.

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو