نوجوان کي چيڀاٽيندڙ ڀارتي اداڪارا گرفتار

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا نندني ڪيشپ کي هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، 25 جولاءِ تي گوهاٽي ۾ اداڪارا نندني ڪيشپ جي گاڏي 21 ورهين جي نوجوان کي ٽڪر هڻي زخمي ڪيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو.
رپورٽن موجب، فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ سميع الحق جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مقامي ٽيڪنيڪل ڪاليج جو شاگرد ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪندو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، حادثي جي وقت گاڏي نندني ڪيشپ پاڻ هلائي رهي هئي ۽ واقعي کان پوءِ هوءَ تان فرار ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن کانپوءِ اداڪارا کي گذريل رات گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽن موجب، نندني ڪيشپ شروعاتي طور تي شاگرد جي علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هوءَ ان تي عمل نه ڪري سگهي.
ٻئي پاسي، آسام رياست ۾ شاگردن طرفان ساٿي شاگرد جي موت تي احتجاج جاري آهي.
ياد رهي ته نندني ڪيشپ آسام جي ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو