ملير جي ريتي بجري ۽ پٿر مافيا کي ڪير سوگهو ڪندو؟
ملير جيڪو ماضي ۾ سونهن ۽ ساوڪ جو اُڃاڻ هو اتي اڄ بيابان ۽ زمينون ويران ٿيندي نظر اچن ٿيون، ملير جي ڪثير آبادي جيڪا زراعت، پاڻي جا ذخيرن سميت ڪراچي جي ڪروڙين ماڻهن جي آبادي کي تازيون ڀاڄيون، ميوا، کير ۽ پاڻي جهڙي نعمت پهچائڻ جو واحد ذريعو هو اتي اڄ سُڃ، بيابان ۽ زمينون غيرآباد نظر اچي رهيون آهن، هن سموري تباهي جو ڪارڻ ملير ندي، سکڻ ندي، ڪونڪر ندي، لنگيهجي ندي ۽ ٻولهاڙي سميت 30 کان وڌيڪ آبي، قدرتي لنگهن مان ريتي بجري ۽ قيمتي پٿر جي تيزي سان نڪالي وارو عمل شامل آهي.
گڏاپ جو علائقو جيڪو ڪراچي سپر هاءِ وي ٽول پلازه کان شروع ٿئي ٿو، ڪنڊ جهنگ موئيدان کان ٿيندو حب ڊيم جي ڪنڌي تي وڃي هڪ طرف بلوچستان جي حدن کي لڳي ته ٻئي طرف ضلعي ڄامشوري جي سرحدن سان ملي ٿو، ان سموري تباهي ۾ مقامي سطحي جا دلال ۽ سڀ کان وڏي مافيا پوليس آهي جنهن جي سرپرستي ۾ راتو رات هزارين لکين ٽن ننڍين ٽرڪن کان وٺي وڏن ڊمپرن جي صورت ۾ ڪڍيا ٿا وڃن جنهن سبب گڏاپ سميت هن زراعت واري پٽي جنهن جو دارومدار زميني پاڻي ذريعي حاصل ٿيندو هو سو اهڙا ذخيرا معدنيات جي نالي ۾ نڪرندڙ پٿر ۽ ريتي سبب سوين فوٽ اونهائي طرف هليا ويا آهن.
گڏاپ جيڪو سرسبز علائقو جتي ناياب قسم جا زيتون، ناريل، سيتا ڦل، پپيتا، مڪئي ٻير، توت، ڦارون، ڄمن سميت سموريون سايون ڀاڄيون ڪراچي جي آبادي کي بغير ڪنهن وقفي جي تازيون ڀاڄيون ملنديون هيون سي ريتي ۽ پٿر جي نيڪالي سبب زرعي پيداوار جي اُپت سئو سيڪڙو مان 10 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي زراعت سان وابسته هزارين پورهيت بيروزگار ۽ علائقي واسي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويا آهن اڪثر گڏاپ سان وابسته زرعي مزدور لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ريتي بجري جي تباهي جو ڪارڻ گڏاپ ٿاڻو، مراد ميمڻ ٿاڻو ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻا شامل آهن هنن ٿاڻن تي خصوصي پوليس جون ٽيمون فقط ريتي بجري جي نيڪالي تي نگراني ڪري رهيون آهن چيو وڃي ٿو ته گڏاپ ٿاڻي جو هڪ بااثر ايس ايڇ او جيڪو سنڌ حڪومت جي هڪ اهم سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهي تنهن جو ڀاءَ ٻڌايو وڃي ٿو جنهن جي سرپرستي هيٺ اهو سڄو پٿر ۽ ريتي جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي.
تازو گڏاپ جي هڪ معزز زميندار فقير انور “عوامي آواز” کي دانهن ڏيندي ٻڌايو ته گڏاپ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسان جي علائقي مان ريتي بجري سان گڏوگڏ پٿر جي نيڪالي جو ڪم شروع ڪرايو آهي جنهن سبب اڄ زرعي زمينون ته غيرآباد ٿيون آهن پر ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به مهيسر نه آهي اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ڳوٺن جا ڳوٺ زرعي روزي بند ٿيڻ سبب شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن جن ۾ 500 کان وڌيڪ خاندان شامل آهن سندس اهو به چوڻ هو ته ايس ايس پي ملير کي شڪايت ڪرڻ جي باوجود اڃا تائين تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي.
ريتي بجري جي تيزي سان نيڪالي ڪندڙ مافيا ايتري ته پاور فل آهي جو ملير مان چونڊيل پاڪستان پيپلزپارٽي جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به بيوس بڻيل آهن، ياد رهي ته ماضي ۾ ڪراچي شهر کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ ملير ندي مٿان قائم ڊملوٽي جي کوهن ذريعي سپلائي ڏني ويندي هئي جڏهن ملير ندي ۽ ان جي ڀرپاسي واريون مول نديون سال جي 12 مهينا ئي پاڻي جي ذخيرن سان ڀريل هونديون هيون پر اڄ ريتي بجري مافيا ۽ تازو ترقي جي نالي ۾ ٺهندڙ ملير ايڪسپريس وي جنهن کي شاهراهه ڀٽو جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو تنهن روڊ جي زمين کان 60 فٽ تائين جي ڀرائي به هن ريتي بجري ذريعي ٿي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته گڏاپ جي آبي ذخيرن، قدرتي چراگاهن ۽ تاريخي ۽ قديمي ماڳ مڪانن مٿان بحريه ٽائون جهڙيون اسڪيمون جوڙيون ويون جيڪي ماحولياتي سسٽم تي حاوي ٿي ويون، ڇا اهڙي ترقي ۾ انسان ذات متاثر ٿي آهي ۽ علائقا زرعي لحاظ کان بنجر بڻجي ويا آهن.
تيزي سان نڪرندڙ ريتي بجري زراعت جي تباهي سان گڏوگڏ ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جيڪا ماحولياتي گدلاڻ کان انسانن کي بچائڻ لاءِ قائم ٿي آهي هي ادارو به خاموش تماشائي بڻيل آهي هن اداري ۾ ويٺل آفيسر توڙي اسٽاف سنڌ حڪومت جي خزاني تي بار آهي، پريڪٽيڪلي طور تي هي ادارو ڪنهن به قسم جو تحرڪ وٺندي نظر نٿو اچي اهڙي سموري خطرناڪ صورتحال کي مدنظر رکندي ۽ گڏاپ جي علائقي کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ ۾ عرصو ته لڳندو پر اهو ممڪن ضرور آهي پر ان سڄي وايو منڊل جو پاسو مٽائڻو پوندو. سنڌ جو وڏو وزير هن سموري تباهه ڪارين جو ترت نوٽيس وٺي ته جيئن گڏاپ جي زراعت بچائي سگهجي جيڪو سندس فرض ۽ ذميداري ۾ شامل آهي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ مٿي ڄاڻايل علائقن جو نالو نشان مٽجي ويندو.
جُولاءِ 31, 2025