سيوهڻ پوليس جو منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون، 7 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل
سيوھڻ( رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ پوليس جو منشيات فروشن سميت موٽر سائيڪل ڦوروئن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري, سيوهڻ ٿاڻي جي حد ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا 7جوابدار گرفتار, ڪيس داخل,ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي هدايت تي اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ ذولفقار اوڍاڻو ون فائيو انچارج سيوهڻ منظور دل جي سرپرستي ۾ سيوهڻ پوليس جي ڪامياب ڪارروائيون ,
موٽر سائيڪل ڦورن جي گينگ جا 2 جوابدار گرفتار،لاڪ اپ، گرفتار جوابدار وٽان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ،جڏهن تہ Z21 سوپاري ۽ نشي دار مائو وڪرو ڪندڙ ڊيلر 2 جوابدار گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي، ٻئي طرف آئيس هيرون جي ڊيلر ماروي چانڊيو گرفتار، سندس وٽان 52 گرام آئيس هٿ، ڪيس داخل،2 جيب ڪترا گرفتار جن وٽان زائرين جون موبائيل فون هٿ ، موبائيل فون زائرين حوالي،
گرفتار جوابدارن مٿان ڪيس داخل وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايڇ او سيوهڻ ذولفقار اوڍاڻو،جڏهن تہ گرفتار جوابدارن جا نالا معظم پٽ ساجن سولنگي ڀان سيد آباد، سجاد علي ساجن پٽ تاج محمد سولنگي، ڀان سيد آباد، ڪامران پٽ محرم ملاح سيوهڻ جي چوٿنڀي رھائشي، آصف پٽ رفيق سولنگي، بندر محلي واسي، دلاور پٽ رضا محمد ماڇي سيوهڻ واسي، ساجد پٽ غلام سرور ماڇي، ماروي چانڊيو، منشيات فروشن ۽ ڏوهاري قسم جي ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، قلندر جي نگري سيوهڻ شريف جي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ اولين ترجيح آهي، ڏوهاري ماڻهن ۽ منشيات فروشن کي بخش نه ڪيو ويندو، ايس ايڇ او سيوهڻ ذولفقار اوڍاڻو.
جُولاءِ 31, 2025