سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بڻايو ويو آهي:اياز پليجو

Spread the love

اسلام آباد /حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، شوڪت تنيو، منان شيخ، خادم سمون جي اڳواڻي ۾ مرڪزي وفد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سڀاڻي (اڄ) اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس شرڪت ڪندو. ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي،

ڪرپشن سميت وسيلان جي ڦڙ لٽ خلاف سنڌ جو ڀرپور نموني ڪيس پيش ڪيو ويندو،ٻئي پاسي  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي.ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ 18 سالن کان بيڊ گورننس جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڏوھاري ڪنھن بہ وقت ڪنھن کي بہ نشانو بنائي سگھن ٿا.

پوليس سميت ھر کاتي کي ڦرلٽ جو ذريعو بنايو ويو آھي. آفيسرن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻ ڏيڻ بدران ذاتي نوڪر ڪريھلايو پيو وڃي. ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. ريساڻو، وڏيرڪو ۽ سرداري راڄ آھي. پوليس ۽ ٻين کاتن جا عملدار ڪمدار بڻيل آھن.

پوليس جون مقرريون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آھن، جنھنڪري سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ ڪرپٽ حڪمرانن کي صرف پئسو گھرجي. آھي عوام جي تڪليفن کان لاتعلق آھن.حڪمرانن جون معاشي پاليسيون غريب عوام کي مھانگائي ۽ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙي رھيون آھن.

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو