سانگهڙ: وڪيل پاران اسسٽنٽ ڪمشنر کي چماٽ هڻڻ واري واقعي تي روينيو ملازمن جو احتجاج، آفيسن کي تالا، ڪم معطل

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ جي عدالت ۾ وڪيل پاران مبينا طور اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ کي چماٽ هڻڻ وارو معاملو، وڪيل عدالت ۾ پيش ضمانت منظور، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز پاران سرڪاري آفيسن کي تالا بندي ڪري  ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، سانگهڙ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر ۽ وڪيل محمد علي لغاري جي وچ ۾ عدالت جي احاطي ۾ پيش آيل تڪراري واقعي کان پوءِ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران آفيسن جي تالا بندي ڪري ملازمن سخت رد عمل ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،

 ان موقعي تي ايسوسيئيشن جي صدر فقير محمد اسماعيل چانگ، صابر حسين مهر، يونس ڪنڀر، اسدالله سميجو ۽ غلام حيدر سومرو پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره وڪيل محمد علي لغاري جو رويو غير سنجيده ۽ هڪ ذهني مريض جهڙو آهي، جيڪو مهذب سماج لاءِ شرم جوڳو عمل آهي، هنن بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سڀ وڪيل خراب ناهن پر بار ڪائونسل ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جيڪي قانون جي آڙ وٺي ادارن کي بليڪ ميل ڪري نظام کي تباھ ڪري رهيا آهن،

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن الزام لڳايو ته پوليس وڪيل کي غيرقانوني پروٽوڪول مهيا ڪيو ۽ قانون موجب ڪارروائي نه ڪئي وئي، سندن چوڻ هو ته جيستائين محمد علي لغاري خلاف سخت قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي، تيستائين احتجاج جاري رهندو، ٻئي پاسي جوابدار وڪيل محمد علي لغاري کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو جتي سول جج ايڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت  ضمانت منظور ڪئي، ٻئي پاسي احتجاج سبب روينيو کاتي جا سڀئي ڪم معطل ٿي ويا جڏهن ته آفيسن تي لڳايل تالا ضلعي واسين لاءِ پڻ مشڪلات جو سبب بڻجي ويا هئا،

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو