جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران دادو يوٿ ونگ جي نوجوانن جي فهرست جاري، ناجائزين خلاف جدوجهد جو عزم

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران دادو يوٿ ونگ جي نوجوانن جي لسٽ جاري ڪئي وئي،  نوجوانن جو اجلاس گھرايو ويو، جنھن جو عنوان ھو تہ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران دادو يوٿ ونگ لاءٍ چونڊيل نوجوان پنھنجي شھر ۾ ھر  اھو ناجائز ڪم ٿيڻ خلاف جدوجھد ۽ ان کان علاوه پنھنجي شھر جي عوام جي حقن لاءٍ جدوجھد ڪندا،

پنھنجي عوام جي خدمت ڪندا، تہ جيئن ھر مظلوم جو آواز بلند ٿي سگھي ۽ عوام کي پنھنجا حق وٺرائي ڏنا وڃن، اھو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو حڪم آھي تہ ھر زماني ۾ مظلوم ۽ ظالم موجود ھوندو آھي جيئن مولا حسين عليه السلام جي زماني ۾ ھيو، امام حسين عليه السلام بہ ظلم خلاف آواز اٿاريو ۽  حق جي آواز کي بلند ڪيو، چاھي پوءٍ انھن کي شھادت جو جام پيئڻو پيو،

انھن ڳالھين کي مد نظر رکندي ۽ جونيئر ذوالفقاربابا جي چوڻ مطابق اسان کي ھر ظالم جي خلاف آواز اٿارڻو آھي ۽ حق کي بلند ڪرڻو آهي، اسان کي جدوجھد ڪرڻي آھي جونيئر بابا جو ۽ قوم جي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻو آھي، (ايجنڊا)  مساوات، تعليم، صحت، واپڊا، ميونسپل، زرعي پاڻي، انھن موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي جنھن ۾ دادو نوجوان ونگ جي دوستن سان گڏ نيو دوستن به شرڪت ڪئي، جن ۾ اويس اتيرو، 

علي رضا چارڻ،   باغي محمد عرس خشڪ، پيرمرتضي  عاطف مستوئي، ذيشان خشڪ، سميع الله چارڻ، عبدالغفار ٻٻر،   عاطف چارڻ، علي رضا کوکر، جاويد سولنگي،  عامر سومرو، صنعان مستوئي، روھان چارڻ،  زاھد ساھڙ، عادل سومرو، فھد گھلو،  آفتاب چانڊيو، گل محمد خشڪ، اويس پنھور، فاروق نائچ،  عمير ميمڻ ۽ ٻيا شامل آھن،

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو