کنڊ جو روانگي واپار حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)کنڊ جو روانگي واپار هن حڪومت جي ڳچي ۾ پئجي ويو،هڪ سنگين بحران شهبازشريف جي حڪومت آڏو بيٺو آهي،ان بحران ۾ حڪومت جي پاليسي وڏو ڪردار ادا ڪيو،ملڪ ۾ وڌندڙ کنڊ بحران حڪومت لاءِ شديد پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو آهي، جيڪو هاڻ هڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. اهو بحران نه صرف مارڪيٽن کي متاثر ڪري رهيو آهي،

پر عوام جي روزمره زندگي به اجيرن بڻجي وئي آهي.صحافيءَ پاران مارڪيٽ جو دورو ڪرڻ بعد ٻڌايو ويو ته صورتحال ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي آهي – ڪراچي، لاهور، پشاور يا اسلام آباد ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مارڪيٽ ۾ کوٽ عام آهي. جڏهن دڪاندارن کان پڇيوويو ته کنڊ ڇو نه رکي وئي آهي، ته سندن چوڻ هو ته هول سيلرز وٽان ئي کنڊ نٿي ملي، يا اهڙي اگهه تي ملي ٿي جو نقصان ۾ وڃڻو پوي ٿو.

هڪ دڪاندار ٻڌايو ته، “هول سيلر اسان کي اهڙي اگهه تي کنڊ ڏئي ٿو جو اسان ٻن روپين جي نفعي سان به ان کي 200 رپيا في ڪلو کان هيٺ نٿا وڪرو ڪري سگهون. جڏهن پڇيو ويو ته حڪومت ڪهڙو ريٽ مقرر ڪيو آهي، ته جواب مليو “165 رپيا.”اهو تڪرار قيمتن ۽ حڪومتي مداخلت جي وچ ۾ واضح تضاد کي ظاهر ڪري ٿو. حڪومت جي پاليسين جو تضاد هتي چٽيءَ طرح سامهون اچي ٿو. هڪ طرف، حڪومت کنڊ ايڪسپورٽ ڪري، ٻاهر موڪلي، ٻي طرف اهڙي قيمتي شئي جي مارڪيٽ ۾ کوٽ ٿي پوي.

پوءِ وري پاڻ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي منظوريءَ سان ٿيو، پر هاڻ ساڳي حڪومت ئي دڪاندارن تي ڇاپا هڻرائي رهي آهي.اڳتي هلي ڪرشنگ سيزن شروع ٿيڻ وارو آهي، جڏهن ڪمند جي خريداري ٿيندي. جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ کنڊ موجود هوندي، ته ڪڻڪ جي قيمتون زوريءَ گهٽايون وينديون. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته کنڊ جي صنعت تي اهڙا ماڻهو قابض آهن،

جيڪي هر حڪومت جو حصو هوندا آهن صحافي جو چواڻ هو ته شگر مل جي مالڪن وٽ سڄي پاليسي جو ڪنٽرول آهي. حڪومت انهن سان گڏ ويهي ٺاهه ڪري ٿيچئن مهينن کان مارڪيٽ ۾ قيمتون ڪنٽرول کان ٻاهر آهن.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو