کنڊ اگهن ۾ واڌ بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اهم بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل چيو آهي ته کنڊ جي اگهن ۾ تازي واڌ جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ کنڊ جا اگهه گهٽجي ويندا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا احسان افضل چيو ته کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ ايڪسپورٽ کي قرار ڏنو پيو وڃي، پر ان ڳالهه کي سمجهڻ ضروري آهي ته گذريل سيزن ۾ کنڊ جي پيداواري مقدار 6.8 ملين ٽن هئي، جيڪا ملڪي استعمال لاءِ گهڻي هئي ۽ واڌو مقدار موجود هئڻ سبب ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وئي.
هن چيو ته هن ڀيري کنڊ جي پيداوار 5.8 ملين ٽن رهي، جيڪا اندازي کان هڪ ملين ٽن گهٽ آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب موسمياتي تبديلي آهي.
راڻا احسان افضل چيو ته جڏهن وزيراعظم شهباز شريف کي صورتحال جي ڄاڻ ملي ته هن ترت کنڊ جي ايڪسپورٽ روڪڻ جو حڪم ڏنو، پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي.
هن چيو ته ايڪسپورٽ جي اجازت ان وقت ڏني وئي جڏهن ملڪ ۾ کنڊ جي واڌو مقدار موجود هئي، ان کان اڳ 5 لک ٽن اضافي بفر اسٽاڪ رکي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وئي.
وزيراعظم جي حڪم تي وفاقي وزير اويس لغاري جي صدارت هيٺ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا کنڊ بحران بابت مڪمل رپورٽ تيار ڪري پيش ڪندي ته جيئن اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
راڻا احسان افضل ٻڌايو ته کنڊ جي قيمتن جي نگراني لاءِ ڊي سيز ۽ مڪاني انتظاميا کي ذميواريون سونپيو ويون آهن ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ کنڊ جا اگهه ڪنٽرول ۾ اچي ويندا.
هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومتي قدمن ذريعي نه رڳو قيمتن تي ضابطو اچي ويندو پر کنڊ جي فراهمي به معمول تي اچي ويندي.
ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته موجوده بحران دوران شوگر مافيا 300 ارب رُپين کان وڌيڪ ڪمائي چڪي آهي.