ڊالر جي بليڪ مارڪيٽ، آن لائن واپار شروع، ايف آءِ اي جا ڇاپا

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پاران ڊالر جي بليڪ مارڪيٽ خلاف ڪيل ڪارروائي رپئي کي مستحڪم ڪيو آهي، واپارين جو چوڻ آهي ته غير رسمي واپار تيزيءَ سان اسمارٽ فونز ۽ گهرن تائين رسائي واري طريقي ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي،

رائيٽر جي رپورٽ موجب ڪيترائي غير لائسنس يافتا ايڪسچينج دڪان 22 جولاءِ کان بند آهن، جڏهن فوجي ڳجهي اداري هنشعبي جي نمائندن کي آمريڪي ڊالر جي وڌندڙ قيمت بابت وضاحت لاءِ طلب ڪيو، ان کان پوءِ ايف آءِ اي، ڇاپا هنيا، ڪارروائي جي شروعات ٿيڻ کان پوءِ جولاءِ ۾ رپئي جي قيمت تيزي سان بحال ٿي،

اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي قيمت 19 جولاءِ تي 288.6 رپيا في ڊالر هئي، جيڪا گهٽجي موجوده سيشنز ۾ تقريبن 286 رپيا في ڊالر تي اچي وئي آهي، واپارين ۽ بئنڪرن جو چوڻ آهي ته واپار اڃا جاري آهي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته ڪارروائي جا اثر شايد عارضي هجن.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو