ڄامشورو: ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ غيرقانوني حد دخلين خلاف آپريشن، سرڪاري ماڳن جي بحالي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان
ڄامشورو( رپورٽ :محمد وارث)ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ ڊرين نالي تي غيرقانوني حددخلين خلاف مؤثر ڪارروائي جامشورو: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي خاص ھدايت تي، عوامي شڪايتن جي فوري ازالي ۽ شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ ڊرين نالي تي قائم غيرقانوني تجاوزات خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
هن آپريشن ۾ روڊ تي ٺاهيل غيرقانوني ڪيبن ۽ ڇپڙا هٽايا ويا.ان موقعي تي مختيار ڪار ڪوٽڙي چيو ته غيرقانوني حد دخلين جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رهندو ۽ ڪنهن به ماڻهو کي قانون هٿ ۾ وٺڻ يا سرڪاري هنڌ تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ۽ عوامي ماڳن کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ترجيح آهي، ته جيئن شهرين کي صاف ۽ محفوظ ماحول ملي سگھي،
آپريشن ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار فيروز مصطفي برفت، چيف ميونسپل آفيسر ذوالفقار چنه، اينٽي انڪروچمينٽ فورس، ريونيو ۽ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن حصو ورتو، مختيارڪار ڪوٽڙي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي حد دخلين جي خاتمي واري مشن ۾ انتظاميا سان تعاون ڪن هن واضح ڪيو ته غيرقانوني تعميرن ۽ حد دخلين خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي،
جُولاءِ 30, 2025