پورهيت منٺار ملاح پاران زال جي ڪينسر علاج لاءِ مدد جي اپيل: سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کان انسانيت جي بنياد تي سهڪار جو مطالبو

Spread the love

ملير (ڊر ) درساڻو ڇنو جي حاجي راضو جوکيو ڳوٺ ملاح پاڙي جي رهواسي پورهيت منٺار ملاح پاران ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا گهرواري جي علاج ڪرائڻ جي اپيل پورهيت منٺار ملاح جو چوڻ آهي ته سندس 40 ورهين جي گھرواري نظيره  ڪينسر جي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پهچي وئي آهي بيمار عورت جي پورهيت  مڙس جو چوڻ آهي ته زال کي ڇاتيء ۾ سور ٿيو مقامي ڊاڪٽرن جناح اسپتال موڪليو جتي شروعاتي علاج ۽  ٽيسٽ ڪرايو ويو  جتي خبر پئي ته زال کي ڇاتيء جو ڪينسر آهي

ملڪ ۾ ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي ملير ۾ ڪا اهڙي سرڪاري اسپتال نه آهي جتي گهرواري جو علاج ڪرائي سگهان هن وقت ڳريون دوائون نه وٺي سگهڻ سبب گهرواري جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي جيڪا پنهنجي گهر ۾ بي يارو مددگار  پيل آهي هن چيو ته  آئون  ڏهاڙي پورهيت آهيان ست ٻار آهن مون وٽ پيسا نه آهن جو گهر واري جو علاج ڪرايان 

پورهيت منٺار ملاح سنڌ حڪومت ،سماجي تنظيمن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته سندس بيمار گهرواري جي علاج ۾ مدد ڪرائي حياتي بچائي وڃي

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو