ٺٽي ۾ “سلام” نالي منشيات خلاف مذهبي ۽ سماجي حلقن جو سخت احتجاج، انتظاميه کان ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

ٺٽو ( رپورٽ:نظير احمد قريشي) شهر ۾ هڪ خطرناڪ منشيات، جيڪا عام ماڻهن ۾ “سلام” جي نالي سان مشهور ٿي وئي آهي، ان بابت مذهبي ۽ سماجي حلقن پاران سخت احتجاج سامهون آيو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته “السلام” الله تعاليٰ جو پاڪ نالو آهي، ۽ ان نالي کي منشيات جهڙي حرام شيءِ سان جوڙڻ وڏي گستاخي ۽ بي ادبي آهي.

مقامي مسجدن جي امامن، استادن ۽ علمائن پڻ بيان ڏنو ته “السلام” الله جا صفاتي نالا مان آهي، جنهن جو مطلب آهي “سلامتي وارو” ۽ “امن ڏيندڙ”. ان نالي سان ڪنهن نشي واري شيءِ کي سڏڻ سراسر توهين آهي، جيڪا نه صرف مذهبي لحاظ سان غلط آهي، پر اخلاقي لحاظ سان به انتهائي خطرناڪ عمل آهي.

شهرين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اهڙن منشيات وڪڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي نه رڳو نوجوانن جي زندگي تباهه ڪري رهيا آهن، پر الله تعاليٰ جي نالن جي توهين به ڪري رهيا آهن.

عوامي حلقن جو مطالبو آهي ته معاشري ۾ مذهبي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ سرڪاري سطح تي قدم کنيا وڃن، ۽ ان نالي کي منشيات سان ڳنڍڻ کان روڪيو وڃي.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو