نوابشاهه ۾ عورتن جي ووٽ رجسٽريشن وڌائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران مهم، شناختي ڪارڊ کان محروم 76 هزار عورتن جي سڃاڻپ لاءِ قدم

Spread the love

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عورتن جي ووٽ جي رجسٽريشن وڌائڻ ۽ ڪارڊ کان رھجي ويل عورتن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شھيد بينظيرآباد حسان ظفر ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف مجيداڻو جي صدارت ھيٺ اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ضلع ۾ عورتن جي ووٽ جي رجسٽريشن کي وڌائڻ ۽ جن عورتن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھيل ناھن نادرا جي مدد سان انھن عورتن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ جي حوالي سان بھترين قدم کنيو ويو آھي

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو يوسي سطح تي چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ووٽ رجسٽريشن ۽ قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ کان رھجي ويل عورتن جا ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ قدم کڻن ان موقعي تي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف مجيداڻو ٻڌايو ته ضلع ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي آبادي وڌيڪ آھي پر عورتن جا ووٽ گھٽ داخل آھن

جن جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران نادرا سان گڏجي ڪري پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ مھم شروع ڪئي پئي وڃي تہ جئين ضلع ۾ جن عورتن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھيل ناھن انھن عورتن جا ڪارڊ ٺھرائي سندن ووٽ رجسٽرڊ ڪرائي سگھجي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلع ۾ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي ذريعي ووٽ جي رجسٽريشن جي حوالي سان آگاھي سيمينار پڻ منعقد ڪيا ويا آھن

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ضلع انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ضلع ۾ پھرين آگسٽ کان 11 آگسٽ تائين منيارٽي برداري جي ووٽ جي رجسٽريشن لاءِ مھم شروع ڪئي ويندي جڏھن ته ضلع جي وڌيڪ چار يونين ڪونسلن ۾ پڻ نادرا رجسٽريشن موبائل ذريعي علائقي واسين کي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ھن وقت ضلع ۾ مردن جي ڀيٽ ۾  مختلف سببن جي ڪري  76 ھزار کان وڌيڪ عورتون ووٽ رجسٽريشن ۽ قومي شناختي ڪارڊ کان محروم آھن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سمورن کاتن جي عملدارن کي اپيل ڪئي تہ ھو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان تعاون ڪندي ووٽ جي رجسٽريشن ۾ مدد ڪن اجلاس ۾ نادرا جي زونل انچارج رفيق احمد بلر ٻڌايو ته نادرا پاران قومي شناختي ڪارڊ يا ب فارم لاءِ نڪاح نامو ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي

ھن وڌيڪ چيو ته نادرا پاران عوام کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ لاءِ ضلع جي سمورن تعلقن م سينٽر ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن ته پٺتي پيل علائقن جي عوام کي سندن گھرن جي درن تي قومي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ لاءِ روزاني جي بنياد تي نادرا رجسٽريشن موبائل وين ذريعي ڪارڊ ٺاھي ڏنا پيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏجي ڪري عورتن جي ووٽ جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ قومي شناختي ڪارڊ ٺاھڻ جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري محمد سليم ڀٽي،

ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ محمد صابر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري مسعود احمد سھتو، پرنسپل گورنمينٽ گرلز ڊگري گاليج لالا رخ بلوچ، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض شر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر آصف خٽڪ، شھناز لاکو، اسد علي ميمڻ، عابد لاشاري، سارا عابد، فرحانہ ناز، فرحانہ ارم سميت ٻين ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو