ملڪ تي شگر مافيا قابض آهي:عليمه خان

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر جي نااهلي بعد، هاڻ قومي اسيمبليءَ ۾ قائد حزب اختلاف عمر ايوب کي به نااهل ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته عمران خان جو چوڻ آهي ته هاڻ فيئر ٽرائل جي ڪا اميد ناهي، هي سڀ ٽرائل رڪارڊ تي اچي رهيا آهن،هن چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري ملڪ ۾ کنڊ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ صدر، وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ سڀني جون شوگر ملون آهن. هن چيو ته ملڪ تي شگر مافيا قابض آهي، جيڪا پئسا ڪمائڻ ۾ لڳي پئي آهي.
جُولاءِ 30, 2025