سرمائيدار ڪنهن به پڇاڻي کان آجا،عوام رُلي ويو

لاهور(ويب ديڪس)فري مارڪيٽ اڪانامي جي نالي سان سرمائيداري پنهنجي ڀيانڪ صورت ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي،باقي دنيا ۾ به اهو نظام آهي پر اتي قانون جي حڪمراني آهي،پاڪستان ۾ ڪو پڇاڻو ناهي ان ڪري کنڊ جو بحران جاري و ساري آهي،هڪ شگر مل مالڪ جي آفيس جو دورو ڪيو ته اتي تمام مهانگيون گاڏيون بيٺل هيون جن ۾ هڪ پورشي،جيڪ،بي ايم ڊبليو اسپورٽس،
هنڊاسوڪ،ٽويوٽا ڪرولا گاڏيون 20 کان مٿي هيون،پڇا تي ٻڌايو ويو ته اهي سڀ گاڏيون شگر مل مالڪ”صاحب“ جون هيون،باقي گاڏيون صاحب جي ملازمن جون هيون،هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هئڻ ڪري جيڪو ڏاڍو سو گابو واري صورتحال آهي،جيستائين هن نظام کي تبديل نٿو ڪيو وڃي ۽ رياست بنيادي ضرورتن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه آڻيندي تيستائين ائين ئي سلسلو هلندو رهندو.
جُولاءِ 30, 2025