دادو جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو، جوڙي پاران تحفظ جي اپيل
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي)نوشهرو فيروز ضلعي جي سڌوجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان کوسو واسي 19 ورهين جي ناري انصاران ڌيءُ نجم الدين کوسو دادو جي عدالت ۾ نوجوان محب علي پٽ اقبال کوسو سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، پريمي جوڙي دادو جي عدالت ۾ تحفظ جي اپيل ڪندي ناري ميڊيا آڏو دانهيو آهي ته والد نجم الدين کوسو کيس ٽي لک روپين عيوض وڏي عمر جي شخص سان زوري پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي،
انڪار ڪيو ته کيس قتل جي ڌمڪيون ڏنيون ويون ناري انصاران کوسو جو چوڻ هو ته مون پنهنجي مرضي سان گھر ڇڏڻ بعد محب علي کوسو سان دادو اچي پرڻو ڪيو، مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي. منهنجي زندگي کي خطرو آهي، والد، چاچو محراب کوسو، ڀائر ۽ ٻين مائٽن اسان زال مڙس جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن هن الزام هنيو ته سندس والد نجم الدين کوسو،
سندس مڙس محبت کوسو، سھرو اقبال کوسو ۽ ڏيرن مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪو مڪمل طور تي بي بنياد آهي پريمي جوڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ بيگناهه ماڻهن خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن هن مامري تي پوليس يا انتظاميا طرفان تاحال ڪا به واضع ڪارروائي يا بيان سامهون ناهي آيو، جڏهن ته جوڙي طرفان عدالت کي تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي،
جُولاءِ 30, 2025