ھڪ ڏينھن جي ڊائريجڏھن پنھنجو پوکيل پپل جو ٻوٽو وڻ ٿيندي ڊٺم

Spread the love

صادق لاکو


گزريل ڏينهن اسان جي فڪري ساٿي جسقم اڳواڻ انور ملاح جي والد بزرگوار جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت لاءِ دڙي وڃڻ لاء مڪليءَ مان پنهنجي ساٿي محمد شريف جاکرو سان گڏجي موٽرسائيڪل تي نڪتاسين ،شھيد دولھ دريا خان پل تي پنهنجي سگھ ۽ ھمٿ سنڌو درياءَ کي ڀريو تريو ڏسي دل ۽ اکيون ٺريون ھي ويساھ پختو ٿيو ته فطرت ،سنڌ ۽ سنڌو درياءَ دشمن قوتون ڪيڏو به زور لڳائڻ ۽ ھٿ ناٽ ڪن پر پنهنجي سنڌو درياءَ کي دائمي طور ڪڏھن به بند نتا ڪري سگھن ۽ منھنجي اھا به اڳڪٿي آھي تہ ھڪڙو اھڙو وقت ايندو جو سنڌو درياءَ تي دشمن قوتن جا سمورا پنجوڙ پاڻ مرادو ٽٽي پوندا ،
درياءَ بادشاھ کي سلام ڪندا جڏھن ٻيلو روڊ تي چڙهياسين ته اھو ئي ساڳيو ٽٽل ڦٽل روڊ جيڪو آئون تہ گزريل ٽيھن سالن کان ڏسان پيو پر ڪنھن بہ نام نهاد جمھوري يان وڏي سرڪار جي حڪومتن ۾ الائي ڇو نہ ٺھي سگھيو آهي جنھن ڪري ھن روڊ تي سفر ڪندڙ ھزارين ماڻھن کي اذيتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو پر ھتان جي چونڊيل نمائندن کي رحم ئي نه ٿو جو ھي روڊ ٺھرائين ،بحرحال روڊ جي حالت خراب ھجڻ ڪري اسان بند جي ٽاپ وٺي سفر ڪرڻ بھتر سمجھيو سفر دوران ڏٺوسين ته ڳوٺ ھالو ۾ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۾ (منجھند جو تقريبن ساڍي ٻارهين وڳي)ٻار پڙهي رهيا ھئا ھڪ عورت استاد کين پڙھائي رھي ھئي اھو ڏسي ڏاڍي سرهائي ٿي (ان اسڪول بابت پنھنجي ڀاءُ ۽ فخر لائق استاد آفتاب احمد ٻجورو ٻڌايو ته ھن علائقي ۾ ھڪ اين جو ايز شايد انٽرنيشنل ڪيئر پاڪستان مختلف علائقن ۾ اھڙي قسم جا اسڪول شام جي شفٽ ۾ ھلائي رھي آھي جيڪي گرميءَ جو موڪلون ھجڻ ڪري صبح جو ھلي رھيا آھن ھنن اسڪولن ۾ باقاعدگيءَ سان درس ۽ تدريس جو سلسلو بھتر انداز ۾ ھلي رھيو آھي ،مانجھاندو استاد آفتاب احمد ٻجورو وٽ رٿيل ھيو، انڪري ٻيلي شھر ويجھو ڳوٺ محمد آچار ٻجورو ۾ پھتاسين، معزن جمع جي نماز جو خطبو پڙھي رھيو ھيو محمد شريف جاکرو به نماز پڙھڻ مسجد ويو ،نماز بعد ڳوٺ جا نيڪ مرد چاچو خميسو ٻجورو،داروغو محمد سليمان ٻجورو ايڊووڪيٽ اعجاز علي ٻجورو سميت آسپاس جا ڳوٺاڻا ۽ ڪجھ نوجوان موجود ھيا ،ڪچھريءَ دوران ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ سائين آفتاب احمد ٻجورو جي ڏاڏي حاجي محمد آچار ٻجورو بابت ڏاڍي دلچسپ ۽ اتساھيندڙ ڄاڻ ملي،معلوم ٿيو ته مرحوم پاڻ ته بنھ اڻپڙهيل ھيو پر سندس اندر جي اک تعليم ،ساڃاھ ۽ سرت سان ڀرپل ھئي ،سندس سياسي تعلق سيد قادر ڏنو شاھ شيرازيءَ سان ھيو ، ھن ان تعلق کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ بجاء پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻھن جي بھتري ء ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو، اھو ايئين جو ڳوٺ ۾ پنهنجي زمين ڏئي نياڻين ۽ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين ۽ سڀ کان پھريائين اسڪول ۾ پنهنجي ڌيئرن کي داخل ڪرايائين ان بعد ٻين ڳوٺاڻن تي نياڻين جي تعليم لاءِ تبليغ ڪيائين جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ سموري ڳوٽ ۾ نياڻين توڙي ڇوڪرن جو تعليمي ريشو برابر آهي ۽ اڄ ڪيتريون ئي نياڻيون سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ملازمت سان لڳل آھن ،بحرحال ڪچھريءَ دوران جيڪا پريشان ڪن ڳالھ رھي ته سڀني ميزبانن چيو ته ٽين وڳي کان پوء دڙو-ٻيلو روڊ تي سفر نه ڪجو پر بٺورو کان ڦري ٺٽي وڃجو ڇوته ان روڊ تي ڦورن جو راڄ آهي جن کي قابو ڪرڻ ھتان جي ڪنھن بہ ايس پي يان سندس ماتحت عملدارن جي وس جي ڳالھ ناھي ،
سنگت کان موڪلائي اسان پنهنجي اڳيء منزل طرف روانا ٿياسين، دڙي شھر مان ٿيندا ،جسقم اڳواڻ انور ملاح وٽ پھتاسين ڏک ونڊڻ بعد سنڌ جي سياسي صورتحال خاص طور جسقم جي موجوده صورتحال ،چونڊ ٻين معاملن تي تفصيلي طور ڪچھري ٿي ،اتان موڪلائي درملوڪ شاھ تي پھتاسين جٿي پنھنجي دوست ۽ ساٿي مير مرتضي اوٺو سان ڪچھري ڪري بٺورو طرف روانا ٿياسين ته درملوڪ شاھ کان ٿورو ٿورو اڳتي جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري به انور ملاح سان ڏک ونڊڻ پئي ويو پر ملاقات نه ٿي جو ڪراس ڪري اڳتي نڪري وياسين ان بعد بٺورو ۾ ترقي پسند آبادگار ۽ سياسي سماجي ۽ واپاري شخصيت رئيس غلام رسول زئور جي زرعي فارم تي ويس اتي منهنجي روزي روٽيءَ جي سبب پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ٺٽي جي دريافت ڪيل ڪمند جي جنسن جن ۾ Thatta:YT55(ھن جنس جو ٻج ڪمند جي اکين( Bud-Chip)جي ٿرو تيار ڪيل ٻوٽن تي مشتمل ھيو )Thatta:326, Thatta:2209جو معائنو ڪيو فصل ۾ تازو پاڻي ڏنل ھيو انڪري پاسن کان معائنو ڪيو ،ھن فصل تي رئيس غلام رسول زئور ڏاڍو پيار ۽ توجھ سان محنت ڪئي آھي جنھن جي ڪري ڪمند جو فصل به شاندار بيٺل ھيو ،ان موقعي تي بيٽل فصل ،PARC۾ ٿيندڙ تحقيقي سرگرمين توڙي ،بٺورو جي سياسي سماجي تعليمي صورتحال تي پڻ تمام شاندار ڪچھري ڪئيسين ،اتان اٿڻ بعد سائين جيئيم سيد جي سياسي استاد محمد جعفر خواجه جي پوٽي ۽ پ پ پ اڳواڻ محمد علي خواجا جي زرعي فارم تي لڳل پنهنجي (PARC جي) لڳايل ڪمند جي جنسن جو فصل ڏٺوسين ء واپس سجاول طرف روانا ٿياسين ۽ ڳوٺ ٽيلان لڳ آمڙا اسٽاپ ۾ دوست سڪندر علي لغاريء وٽ پھتاسين گھاٽي نم جي ڇانءَ ۾ ڪچھري ڪئيسين ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي ريپيئر ڏاڍي بھترين انداز م ٿيل ھئي پھريون دفعو ڏٺم ته ڪنھن سرڪاري اسڪول ۾ خوبصورت ٽائيلس لڳل ھيون گوٺاڻن ٻڌايو ته اسڪول ۾ مقرر استاد بھترين انداز ۾ تعليم ڏئي رھيا آھن ۽ اسيءَ جي آسپاس ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن ،آمڙا کان ٽيلان تائين روڊ جي بنھي پاسن تي موجود ماڻھن پاڻمرادو اسان کي سلام پئي ڪيو جيڪا ڏاڍي وڻندڙ ڳالهه لڳي.اتان واپسيءَ تي سجاول روڊ تي قائم……..سومرا ڳوٺ ۾ ترقي پسند آبادگار عبدالغني سومرو جي اوطاق تي پھتاسين جٿي گزريل سال يارنھن سيپٽمبر2024 تي سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ آبادگار بورڊ جي چيئرمين حاجي عبدالمجيد نظاماڻيء جي ياد ۾ پپر جو ھڪ ٻوٽو لڳايو ھيو اھو ڏسڻ لاء پئي وياسين ته پري کان ئي ان پپر جي ٻوٽي جيڪو ھاڻي ساڍا پنج فوٽن کان وڏو ٿي ويو آھي ان مرڪندڙ پنن ء رقص ڪندڙ ٽارين سان آجيان ڪئي جيئن ئي اوطاق جي سھن تي پھتاسين ته ھڪ مھربان بزرگ کٽ تي ليٽيو پيو هو اسان کي ڏسي اٿيو ۽ مون روايتي طور کيس پيرين پئي هٿ ڏنو ،حال احوال پڇڻ تي بزرگ کي ٻڌايو ته گزريل سنڌ جي لائق فرزند حاجي عبدالمجيد نظاماڻيء جي ورسيء جي موقعي تي پپر جو ٻوٽو لڳائي ويا ھياسين اھو ڏسڻ ايس ٻيو ڪل خير ،ايتري ۾ سج لٿي جي نماز جي آزان آئي محمد شريف ۽ بزرگ پوڙھو نماز پڙھڻ ويا ان بعد موڪلائي ٺٽي طرف روانا ٿياسين ،پپر جي ٻوٽي کي جوان ٿيندو ڏسي تمام گھڻي خوشيء جو احساس ٿيو ته جيڪڏهن اسان جا ماڻهو پنهنجي شين کي سنڀالڻ ۽ مالڪي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪن ته ھوند گھڻي حد تائين ڀلائي ٿي وڃي.ان بعد سڌو بئراج موري ٺٽي پھتاسين جٿي وڏيري مبارڪ سمونء سان مختصر ملاقات بعد مڪليءَ تي منتظر پنهنجي مھربان دوستن منير احمد ميمڻ ۽ غلام نبي زئور سان روٽين جي ڪچهري ڪري گھر پھتم ۽ محمد شريف جاکرو به ڇتوچنڊ لڳ پنھنجي گھر پھتو .

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو