کنڊ بحران: پِي اَي سِي جو ايف بي آر ۽ صنعت واري وزارت کان سخت پڇاڻو، شوگر مل مالڪن جا نالا طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ کنڊ بحران تي پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايف بي آر ۽ صنعت واري وزارت کان سخت پڇاڻو ڪندي شوگر مل مالڪن جا نالا طلب ڪري ورتا.
قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ کنڊ بحران تي بحث ٿيو ۽ سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڪميٽي ميمبر رياض فتيانا چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ سبب قوم سان 287 ارب رپين جو ڌوڪو ٿيو، حقيقت سامهون آڻيندڙ پنجاب جي ڪين ڪمشنر زمان وٽو کي هٽايو ويو.
سيڪريٽري صنعت ٻڌايو ته شوگر انڊسٽري صوبائي حڪومتون ريگيوليٽ ڪن ٿيون، شوگر ايڊوائزري بورڊ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏ شوگر انڊسٽري جا نمائندا به شامل آهن، جيڪي موجوده اسٽاڪ ۽ ضرورتن جو جائزو وٺن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڪرشنگ سيزن 15 نومبر کان 15 مارچ تائين هلي ٿو، جڏهن ته هن سال 13 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ کنڊ سرپلس رهي.
وفاقي ڪابينا ۽ اي سي سي 3 مرحلن ۾ 7 لک 90 هزار ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن مان 40 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ مٽاسٽا ناڻو حاصل ڪيو ويو. 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ايندڙ سال لاءِ ريزرو رکي وئي.
ڪميٽي رڪن معين عامر پيرزادا چيو ته شوگر مافيا حڪومتن جو حصو آهي، جڏهن ته سنا الله مستي خيل چيو ته هڪ رپيو قيمت وڌڻ سان 44 ارب رپيا ڪمائجن ٿا، ايف بي آر جو ايس آر او به بحث هيٺ آيو. خواجا شيراز مطالبو ڪيو ته ايڪسپورٽ ڪندڙ مل مالڪن جا نالا ظاهر ڪيا وڃن.
پي اي سي چيئرمين جنيد اڪبر چيو ته اسان اڳ ئي مالڪن جا نالا طلب ڪيا هئا، پر توهان پيش نه ڪيا.
ايف بي آر اختيارين چيو ته توهان جڏهن حڪم ڪندئو اسان فهرست فراهم ڪنداسين، ان کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايف بي آر کان مل مالڪن جا نالا طلب ڪري ورتا.