کنڊ اسڪينڊل ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ملوث آهن: عمر ايوب

Spread the love

پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب الزام لڳايو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڪئي پئي وڃي، کنڊ اسڪينڊل ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ملوث آهن، جن اربين رپيا ڪمايا آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته حڪومت پهرين 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪئي،

ان کان پوءِ 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي، ملڪ ۾ مهانگائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، بجلي جو بل جيڪو اڳ 1500 رپيا هوندو هو، اهو هاڻ 15 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي، پيٽرول، گئس ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نگران دور حڪومت ۾ 450 ارب رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث آهي، ان خلاف نيب جو ڪيس ٺهي ٿو، محسن نقوي 450 ارب رپين جي ڪڻڪ جو حساب ڏئي،

راڻا ثناالله اي اين ايف  کان يا ته معافي وٺي يا ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف کان ثبوت گهري، هن چيو ته عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي سان جيل ۾ خراب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، 5 آگسٽ تي پرامن احتجاج ڪيو ويندو،

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو