ڄامشورو پوليس جي ناکامي: شھر جي چوڪي سامھون ڦرن جو راڄ، شاعر جو فرزند زخمي
ڄامشورو ( رپورٽ: مجھمد وارث( ڄامشورو شھر چوڪي سامھون ڏوھارين ڦرن جو ٿاڪ بڻائي ڇڏيو پوليس ننڊ ستل
ڄامشورو سنڌ مذاحمتي شاعر احمد خان مدھوش جو فرند سنڌي ادبي بورڊ ملازم شڪيل احمد سومرو کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿيارڀندن شھر جي چوڪي سامھون سنڌ يونيورسٽي سي اين وٽ ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڏوڪڙ موبائيل فون ڦرڪرڻ جي ڪوشش مذاحميت ڪرڻ تي مارڪٽ ۽ بسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪري فرار متاثر پاران يونيورسٽي ڪالوني انتظاميا وٽ اين سي رپورٽ داخل آھي
ان حوالي سان متاثر شڪيل سومرو جو چوڻ ھو تـ مان ڊيوٽ تي وڃي رھيو ھئي سنڌ يونيورسٽي سي اين جي وٽ ڦورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مذاحميت تي ھو فرار ٿي ويا آھن
ياد رھي ڄامشورو شھر جي چوڪي سامھون ڦورن ڦرن جو ٿاڪ بڻائي ڇڏيو آھي روزانو جي بنياد تي ڦر جا واقعا پيش اچي رھيا آھن پر پوليس گم ۽ لاعلم بڻيل آھي ان مامري جو پوليس عملدارن کي نوٽيس وٺڻ گھرجي
جُولاءِ 29, 2025