پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه پيو ڪري، فلسطين ۽ ڪشيمر لاءِ هرم فورم تي آواز اُٿاريندا رهنداسين:ڊار

Spread the love

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، آمريڪا جو دورو هر لحاظ کان ڪامياب رهيو، آمريڪي پرڏيهي وزير کي واضح ڪري ڇڏيو ته ڳالهين کانسواءِ علائقي ۾ امن ممڪن ناهي.
نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هر فورم تي فلسطين سان گڏ ڪشمير مسئلي تي آواز اُٿاريندو رهندو. آمريڪي پرڏيهي وزير سان واپار ۽ ٽريف بابت ڳالهيون ٿيون.
هن چيو ته ڀارت سان ڊائلاگ ٿيو ته گڏيل هوندو، ڀارت جڏهن به ڳالهيون ڪرڻ چاهي، پاڪستان تيار آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو ختم نه ٿو ڪري سگهي.

ان کانسواءِ نائب وزيراعظم ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير سان بين الاقوامي فلسطين ڪانفرنس جي سائڊ لائين ملاقاتن دوران عبدالله اليحيٰ ملاقات ڪئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻه طرفي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي سميت واپار، سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سهڪار جو عزم ورجايو ويو.
ٻنهي اڳواڻن طرفان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سان وڌيڪ سهڪار تي اتفاق ڪيو ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ تي به راضپو ظاهر ڪيو ويو.

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو