”هڪ پوائنٽ ملي اها به چيٽنگ ڪري“، ڊبليو سي ايل ۾ ڀارت آخري نمبر تي

ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز (ويب ديڪس) 2025 ۾ بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ ڀارتي ٽيم تي ٺٺول ڪئي پئي وڃي.
آچر ڏينهن ڊبليو سي ايل سوشل ميڊيا تي ليگ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جو پوائنٽس ٽيبل شيئر ڪيو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم آخري نمبر تي نظر آئي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ هيل تائين هڪ به ميچ ناهي کٽي سگهي ۽ ان کي رڳو هڪڙي پوائنٽ ملي آهي، اها به پاڪستان خلاف ميچ نه کيڏڻ جي بنياد تي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين چيمپيئنز پاڪستان خلاف ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ملي.
ڀارت طرفان ميچ نه کيڏڻ تي پاڪستان ۾ ڀارتي ٽيم کي ٽرول ڪيو ويو هو، هاڻ پوائنٽس ٽيبل جي صورتحال ڏسڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ٽيم تي ٺٺول ڪئي پئي وڃي.
هڪ واهپيدار لکيو ڀارت کي هڪ پوائنٽ ملي اها به پاڪستان جي ڪري، ٻئي لکيو ته ڀارتي ٽيم ان جي ئي حقدار آهي، هن پاڪستان خلاف ميچ نه کيڏي، ڏاڍو سٺو ٿيو.
ريحان نالي واهپيدار لکيو ته ڀارت کي هڪ پوائنٽ ملي اها به چيٽنگ ڪري.