ملير: ابراهيم حيدري پوليس جي ڪارروائي، اجتماعي زيادتي ۽ ڦر ۾ ملوث ٽولي جا ٽي جوابدار گرفتار
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ابراهيم حيدري پوليس ڳجهي معلومات تي ڪارروائي ڪندي مبينا اجتماعي زيادتي ۽ ڦر جي واردات ۾ ملوث ٽولي جا ٽي جوابدار گرفتار ڪري ورتا ذريعن موجب، گرفتار جوابدارن عادل، شيراز ۽ ياسر نه رڳو هڪ گهر مان سون،
روڪ ۽ قيمتي سامان ڦر ڪيو پر مبينا طور تي گهر ۾ موجود عورت سان اجتماعي زيادتي به ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن عورت جون واليون به زبردستي لاهي وياگرفتار جوابدارن وٽان هڪ پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ابتدائي جاچ دوران جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن واردات ۾ سندن ٻه ساٿي به شامل هئا،
جن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن پوليس موجب، جوابدارن جو اڳوڻو ڏوهي رڪارڊ به جانچ هيٺ آهي، جڏهن ته قانوني ڪارروائي ضابطن موجب جاري آهي ۽ وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي
جُولاءِ 29, 2025