عورت مداح پنهنجا سمورا اثاثا سنجي دت جي نالي ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ بابا سان اداڪار سنجي دت تصديق ڪئي آهي ته هڪ عورت مداح پنهنجي سموري ملڪيت، جيڪا لڳ ڀڳ 72 ڪروڙ رپين جي هئي، سندس نالي ڪري ڇڏي هئي.
اڄ کان ست سال اڳ 2018ع ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته بيماري سبب فوت ٿيندڙ هڪ عورت مرڻ کان اڳ پنهنجي سڄي ملڪيت سنجي دت جي نالي ڪئي هئي.
ان وقت سنجي دت ان معاملي تي ڪا به راءِ نه ڏني هئي پر هاڻي پهريون ڀيرو هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته واقعي ان عورت مداح پنهنجي سموري ملڪيت سندس نالي ڪئي هئي.
تازي انٽرويو ۾ سنجي دت 2018ع واري خبر جي تصديق ڪندي اعتراف ڪيو ته اها ڳالهه سچ آهي ته ان عورت کيس ملڪيت ڏني هئي.
اداڪار ٻڌايو ته جيتوڻيڪ عورت سموري ملڪيت سندس نالي ڪئي هئي پر هن بعد ۾ اها سموري ملڪيت ان عورت جي وارثن حوالي ڪري ڇڏي هئي.
ان وقت جي رپورٽن موجب فوت ٿيل عورت جي عمر 62 سال هئي، سندس واسطو ممبئي سان هو ۽ هوءَ سنجي دت جي ڪيترن ئي سالن کان مداح هئي، هوءَ هڪ لاعلاج مرض ۾ مبتلا هئي.
زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن قانوني طور تي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ بئنڪ کي اطلاع ڏنو ته هوءَ پنهنجي سموري ملڪيت سنجي دت جي نالي ڪرڻ چاهي ٿي.
اهو انڪشاف 2018ع ۾ سامهون آيو هو، جنهن کي ميڊيا وڏي اهميت ڏني هئي، عورت جي وارثن کي ان جي خواهش جو علم سندس وفات کان پوءِ ٿيو.
توڙي جو قانوني طور تي سنجي دت ان ملڪيت جو حقدار هو پر هن اها ملڪيت واپس وارثن حوالي ڪري ڇڏي، جنهن تي کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو.
هاڻي سنجي دت پهريون ڀيرو ان معاملي تي ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته هن سموري ملڪيت عورت جي وارثن کي ڏني ۽ هو حيران ٿي ويو هو ته ڪو ماڻهو سندس ايترو وڏو مداح به ٿي سگهي ٿو، جو پنهنجي سڄي ملڪيت سندس نالي ڪري ڇڏي.