سڪرنڊ: اوڏ برادري جي بنيادي حقن لاءِ “عوامي اوڏ اتحاد” قائم، عهديدار چونڊيا ويا

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ :راج ڪماراوڏ  ) عوامي اوڏ اتحاد جي مرڪزي چيئرمين  شيرل فقير اوڏ چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ اوڏ برادري جيڪا ورهين کان سنڌ ۾ مقيم آهي ۽ پورهيو ڪري پنهنجو گدر سفر ڪندي آهي پر کين هر دور ۾ نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ايتريقدر جو قابل نوجوانن کي به ميرٽ جي لتاڙ ڪري سفارشن تي ڀرتي ڪيو

سندن حق ماريو ٿو وڃي ان ڪري اوڏ برادري پنهنجي جائز ، بنيادي ۽ آئين پاڪستان ۾ شامل سندن حقن جي حاصلات لاءِ اتحاد قائم ڪري رهيا آهيون جنهن جي پليٽ فارم تان جمهوري انداز ۾ جدوجهد ڪنداسين  هي اتحاد سياسي نه سماجي بنيادن تي قائم ڪيو ويو آهي

 سنڌ اندر اقليتي برادري کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو نوڪرين جي پنج فيصد ڪوٽا تي به عمل نه ڪيو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته اڄ ابتدائي مرحلي ۾ عوامي اوڏ اتحاد جي نالي سان تنظيم جوڙي ان لاءِ عهديدار چونڊيا آهن

جن ۾ چيئرمين شيرل فقير اوڏ ،  وائيس چيئرمين  امتياز اوڏ صدر ڪيلا رام ، اوڏ ، سينئر نائب صدر پپومل اوڏ ، نائب صدر ون  نواب اوڏ ،نائب صدر ٽو  جمن مل اوڏ ، جنرل سڪريٽري راڻو مل اوڏ ، جوائنٽ سيڪريٽري نديم اوڏ ، انفارميشن سڪريٽري سياڻو مل اوڏ ، خزانچي سڪندر اوڏ ، آفيس سڪريٽري سڌير اوڏ ۽ پريس سڪريٽري راج ڪمار اوڏ کي شامل ڪيو ويو آهي

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو