سکر: روهڙي ۾ فلٽر پلانٽ بند، هزارين شهري صاف پاڻي کان محروم، پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج جو اعلان
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميه جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب روهڙي شهر ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳايل ڪيترائي فلٽر پلانٽ بند،هزارين شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم،شهر ۾ گندو ۽ ڪنو فراهم ٿيندڙ پاڻي واپرائڻ سبب هزارين شهري پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا،شهرين جو بند پيل فلٽر پلانٽ بحال ڪرائڻ جو مطالبو،خبر موجب روهڙي جي علائقي ڪوٽ مير يعقوب علي شاه سميت شهر ۾ لڳايل ڪروڙين روپين جي ماليت جا فلٽر پلانٽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب بند ٿي ويا آهن
جنهن ڪري هزارين شهري گندو ۽ ڪنو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن گندو پاڻي پيئڻ سبب هزارين شهري پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي فلٽر پلانٽ مان تقريبن اڌ شهر جا شهري صاف پاڻي ڀري فائدو حاصل ڪندا آهن پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فلٽر پلانٽ جي ميٽينس نه ٿيڻ ڪري فلٽر پلانٽ جي مشينري ناڪاره ٿي وئي آهي
جنهن ڪري شهر ۾ لڳايل ڪروڙين روپين جا فلٽر پلانٽ ناڪاره ٿي بند ٿي ويا آهن ۽ قومي خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو آهي شهرين صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ۽ ضلع ڪونسل جي چيئر مين سيد ڪميل حيدر شاه کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ لڳايل ناڪاره ٿيل فلٽر پلانٽن جي ميٽينس ڪري بحال ڪري شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل انتظاميه خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو،
جُولاءِ 29, 2025