سيوھڻ مان ناجائز ڪيل حددخليون ڪير ختم ڪرائيندو….؟
تحرير: محمد صفر ايم سيوھاڻي
سيوھڻ شھر مان ناجائز ڪيل حددخليون ڪير ختم ڪرائيندو، اھا ڪھڙي اداري جي ذميواري ٿئي ٿي ۽ اھو ادارو آخرڪار خاموش ڇو؟ :- ھونء ته سڄي سنڌ ۾ سرڪاري کاتن جي ملڪيتن تي قبضا عام ۽ جام نظر اچن ٿا، انھن سرڪاري کاتن جي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرڻ لاء ڪورٽ سڳوريون به فيصلا ڏئي چڪيون آھن، پر انھن فيصلن تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آھي، پر افسوس جو ھن مھل تائين سرڪاري ملڪيتن تي ٿيل قبضا خالي ٿي نه سگھيا آھن، جڏھن ته سيوھڻ شھر ۾ به ڪيترن ادارن جي ملڪيتن تي قبضا اڃان تائين برقرار آھن، سنڌ جي مختلف کاتن جن ۾ اوقاف کاتو، روينيو کاتو، لوڪل گورنمنٽ کاتو، اريگيشن کاتو، ريلوي کاتو، روڊس کاتو، ٻيلو کاتو وغيرہ، جڏھن ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ڪندڙ يا وري سنڌ جي ٻين کاتن جي ملڪتين تي قبضو ڪندڙ آخرڪار آھي ڪير آھن، پر انھن کاتن جي ملڪتين تي قبضيدار شايد وقت جي حڪومت کان ڏاڍا آھن، يا وري اھي ماڻھون حڪومت کان وڌيڪ طاقتور آھن، يا وري اھي ماڻھون حڪومتي ڌر سان سلهاڙيل آھن، پر افسوس آھي ته سيوھڻ تعلقي ۾ سرڪاري ملڪتين تي وڏا قبضا آھن، انھن وڏن قبضن کي ھٽائڻ ته ٺھيو پر ھتي سيوھڻ شھر ۾ ڪاليج روڊ کان وٺي سوني دروازي تائين روڊ جي وچين ديوار سان ھٿرادو قبضا ڪري ان وچين ديوار جي ٻنھي پاسن کان صندل ، ريڙھا، ڪئبنون رکي روڊ جي ٻنھي پاسن کان روڊ کي سوڙھو ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ سوني دروازي کان وٺي شاھي بازار تائين ۽ شاھي بازار کان وٺي جھاز چونڪ تائين روڊ جي وچين ديوار جي ٻنھي پاسن کان صندل ڪئبنون وغيره رکي قبضا ڪيا ويا آھن، انھن ننڍڙن قبضيدارن کي ئي سيوھڻ جي انتظاميہ ڪجھ نه چئي رھي آھي، جڏھن تہ سوني دروازي تي بيٺل ٽريفڪ پوليس پاڻ روڊ تي رڪشي وارا ريڙھي وارا بيھاري رھي آھي، جڏھن تہ ٽريفڪ پوليس جيڪا سوني گيٽ تي مقرر ٿيل آھن، اھي وري روڊ جي وچين ديوار سان بچيل حصي ۾ ايندڙ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي زائرين جون ڪارون ۽ وينون بيھاري روڊ کي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تہ سوني گيٽ جي چونڪ الله جي نالن کان وٺي درگاھ جي وي وي آء پي گيٽ تائين روڊ جي وچ ۽ روڊ جي پاسن کان ھٿ جا ريڙھا بيھاريا ويا آھن، انھن ھٿ جي ريڙھي وارن کان روزآنہ جي بنياد تي مسواڙ وصول ڪئي پئي وڃي، اھا مسواڙ ڪير وصول ڪري رھيو آھي ، جڏھن ته اھي سڀ ريڙھا مين روڊ جي پاسي ۽ وچ ۾ بيٺل نظر اچي رھيا آھن، جيڪا سراسر ناجائز حددخلي آھي، پر پوء به انھن ريڙھي وارن کان ڪير مسواڙ وصول ڪري رھيو آھي،اھو ڪٿان جو انصاف آھي، سيوھڻ جي انتظاميہ اھو وي وي آء پي روڊ حددخلي کان خالي نه ڪرائي سگھي آھي، جڏھن ته سڄي سيوھڻ ۾ ڪيتريون ئي ناجائز حددخليون آھن، جھڙوڪ شاھي بازار چونڪ ، قديمي علم پاڪ وارو روڊ، شاھي بازار اندر وارو روڊ ۽ بودلي بھار جي بازار جتي اوھان نظر ڦيرائيندو اتي توھان کي ناجائز حددخلي نظر ايندي، ناجائز حددخلين جي ڪري روڊ سوڙھو ٿيو وڃي، ۽ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي ايندڙ زائرين کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف پيش اچي رھي آھي، سيوھڻ شھر جي عوام کي پڻ اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف پيش اچي رھي آھي، روڊ تي سوڙھ ھئڻ ڪري ۽ چڱن ڏينھن تي ايندڙ زائرين جي رش ھئڻ ڪري بشني پرديسين جا پيسه ۽ موبائلون ۽ عورتن کان پرس ڦريو وڃن، اھو ڪٿان جو انصاف آھي، ڇا سيوھڻ شھر جي مين روڊن ۽ سنڌ جي مختلف کاتن جي ملڪتين تان ناجائز قبضا ۽ حددخليون آخر ڪار ڪير ختم ڪرائيندو ۽ ناجائز قبضا ۽ حددخلين کي ھٽائڻ جو ڪھڙي اداري جو ڪم آھي، سيوھڻ شھر مان درگاھ جي ويجھو يا پري جيڪي به ھٿرادو ڪيل ناجائز حددخليون ھٽائي روڊن کي ويڪرو ڪرائڻ جي ذميواري ڪنھن تي عائد ٿئي ٿي، ۽ سيوھڻ تعلقي ۽ سيوھڻ شھر ۾ سنڌ گورنمنٽ جي مختلف کاتن جي ملڪتين تي قبضن کي ختم ڪرائڻ ڪھڙي کاتي جي ذميواري آھي.
جُولاءِ 29, 2025