سنجھورو: ڳوٺ لوڻ کاڻ جي رهواسي جو بااثر قبضا گروپ خلاف احتجاج، پوليس تي جانبداري جو الزام
سنجھورو (رپورٽ:احمد حسن خاصخيلي) کپرو ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ ڳوٺ لوڻ کاڻ جي رهواسي عطاالله ولد عبدالستار راجپوت بااثر ماڻهن جي ڏاڍ ۽ زيادتي خلاف دانهيندي صحافين آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته اختر علي ولد عبداللطيف راجپوت، خورشيد ولد عبداللطيف راجپوت، عمران علي ولد اختر علي راجپوت، الطاف ولد محمد اشرف راجپوت ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جو استاد محمد شفيق راجپوت هٿياربند ماڻهن سان گڏجي سندس گهر جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
عطاالله الزام لڳايو ته هو جڏهن انهن خلاف اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ کپرو ٿاڻي تي ويو ته پوليس عملو ان جي فرياد ٻڌڻ بدران قبضا خورن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پوليس جي ملي ڀڳت سبب هو سخت پريشانين جو شڪار آهي.
عطاالله ولد عبدالستار راجپوت، ايس ايس پي سانگهڙ، ڊي آءِ جي نوابشاهه سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مٿس ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺي، بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ سان گڏ انصاف مهيا ڪيو وڃي،
جُولاءِ 29, 2025